اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري ڀرسان ڳوٺ گل مير شر واسي شفيع محمد شر صحافين آڏو الزام هڻندي چيو ته پنهنجي اوطاق تي ويٺو هيس ته پڪاچانگ ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار اختر سليم بالادي سندس ڀائرن وسيم، فيصل ۽ سندس چاچو امين بالادي حملو ڪري ٻانهن ڀڃي ڇڏي، رڙين تي منهنجا گهر ڀاتي ۽ اوڙي پاڙي وارا پهتا، حملي آوور کيسي ۾ پيل 2 لک روڪ رقم ڪڍڻ بعد موتمار ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا. هن چيو ته مون جوابدارن جي مائٽن کان زمين خريد ڪئي هئي، زمين واپس ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا هئا. اڪري پوليس چئن ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪري زخمي کي ليٽر جاري ڪري ٺري ميرواھ روانو ڪري ڇڏيو. ٻي طرف الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار سليم اختر بالادي موجب اسان پنهنجي زمين تي ڪم ڪري رهياهئاسين ته اڳرائي ڪري اسان جي چاچي امين تي حملو ڪيو ويو ۽ هنن ڊرامو ٺاهي ڪپڙا ڦاڙي ڪوڙي اين سي داخل ڪرائي آهي.