اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ۽ ڀرپاسي رمضان شروع ٿيندي ئي منافعي خور واپارين کنڊ، اٽي، گيھه، دالين، سبزين سميت عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، دڪاندارن پاران سرڪاري اگهن واريون لسٽون گم ڪيون ويون آهن، اوپن مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌڻ سبب شهرين يوٽيلٽي اسٽورن ڏانهن رخ ڪيو آهي، ان حوالي سان شهرين دانيهندي چيو ته شهر ۾ واپارين هٿرادو مهانگائي ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهيون پر شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مهانگائي ختم ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي.