اڪري چودڳي (رپورٽ: امير حيدر شر) اڪري چودڳيءَ ڀرسان ڳوٺ بنگل خان زرداريءَ جي سوين رهواسين پنهنجي برادري جي بااثر ۽ اڪري چودڳي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج بعد ڌرڻو هڻي مهراڻ هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. ڌرڻي سبب هاءِ وي ٻن ڪلاڪن تائين بند رهيو، جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. مظاهرين فوجي طالب زرداري، قائم، ظفر، حاڪم، لکمير زرداري ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته پ پ تعلقي فيض گنج جو عهديدار زبردستي اسان جي ٻنين مان روڊ ٺهرائي رهيو آهي، منع ڪرڻ تي بااثر شخص جي حامين حملو ڪري ڳوٺاڻي سانوڻ زرداريءَ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي اڪري پوليس حوالي ڪيو. جڏهن ته پوليس بااثر جي ونگار وهندي ڳوٺاڻي کي گم ڪري ڇڏيو آهي. مظاهرين چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين سانوڻ زرداري آزاد نه ٿيندو تيستائين ڌرڻو جاري رهندو. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل پ پ پ اڳواڻ الهداد زرداري موجب ڪيترن ئي ڳوٺن جي سهولت لاءِ روڊ منظور ڪرايو، جنهن تي مخالف پارٽيءَ جي ماڻهن مون تي حملو ڪيو. مون تي جهيڙي ۽ زيادتين جا الزام ڪوڙا آهن. ٻئي پاسي اڪري پوليس مظاهرين سان ڪامياب ڳالهيون ڪري ٻن ڪلاڪن بعد روڊ کولرائي ڇڏيو. آخري اطلاعن موجب مظاهرين جو هڪ وفد ايس ايس پي سان ملاقات لاءِ خيرپور روانو ٿي ويو.