لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي قمبر جي ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ جي رهواسين کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن علي نواز منگي پنهنجي گهرواري اشرف خاتون، ڌيئرن نوشين خاتون، ياسمين منگي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل 15 مارچ رات جي وقت چئن سرڪاري گاڏين ۾ سوار 10 کان وڌيڪ سول ڪپڙا پهريل ماڻهو اسان جي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي نوجوان پٽ الله رکيو عرف آفاق منگي کي زبردستي کنڀي کڻي ويا آهن، جنهن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي، جڏهن ته منهنجي پٽ مٿان ڪو ڪيس داخل ناهي ۽ نه ئي وري سندس تعلق ڪنهن سياسي جماعت سان آهي، پر تنهن باوجود به پٽ کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پٽ جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان سمورا گهرڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون ۽ اسان جي  گهر ۾ ماتم واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ الله رکيو عرف آفاق منگي کي آزاد ڪرائي ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.