ايڪس جي بندش قومي سلامتي لاءِ لڳائي، شهري بنيادي حق کان محروم ناهن ٿيا: گهرو وزارت

0
26
ايڪس جي بندش قومي سلامتي لاءِ لڳائي، شهري بنيادي حق کان محروم ناهن ٿيا: گهرو وزارت
ايڪس جي بندش قومي سلامتي لاءِ لڳائي، شهري بنيادي حق کان محروم ناهن ٿيا: گهرو وزارت

گهرو وزارت سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي بندش خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته گهرو وزارت طرفان درخواست خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  درخواست گذار  کي ڪنهن به بنيادي حق کان محروم نه ڪيو ويو آهي، ايڪس جي بندش خلاف درخواست قانون ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهي، اها ٻڌڻ جوڳي ناهي

ايڪس پاڪستان ۾ نه رجسٽرڊ آهي ۽ نه پاڪستاني قانون جي پاسداري واري معاهدي جو شراڪتدار آهي، ايڪس پليٽ فارم جي غلط استعمال بابت پاڪستاني حڪومت جي حڪمن  تي عملدرآمد به نه ڪيو

گهرو وزارت موجب پاڪستاني حڪومت جي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي ايڪس مٿان پابندي لڳائڻ ضروري هئي،  ايڪس جي بندش جو فيصلو قومي سلامتي ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو

هن کي به پڙهندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو وزارت کي ايڪس بند ڪرڻ بابت لکيل خط واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو