ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سي ٽي ڊي سنڌ طرفان پابندي مڙهيل 10 تنظيمن جي 93 دهشتگردن کي ريڊ بوڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ، پهريون ڀيرو ايس آر اي جا 4 ڪارڪن به ريڊ بوڪ ۾ شامل، سي ٽي ڊي سنڌ پاران 3 سالن بعد جاري ڪيل نئين ايڊيشن موجب ملڪ خلاف سرگرمين ۾ ملوث پابندي مڙهيل 10 تنظيمن جي 93 دهشتگردن کي ريڊ بوڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي اختيارين موجب ريڊ بوڪ ۾ پهريون دفعو سنڌ ريواليوشنري آرمي جي 4 ڪارڪنن کي شامل ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت داعش جي 12، القاعده جي 18، ٽي ٽي پي جي 23، انصا العشريه جي 4، لشڪر جھنگوي جي 13، جندالله پاڪستان جي 2، سپاهه محمد جي 24، بلوچ لبريشن آرمي جي 5 ۽ لياري گينگ وار جي 33 دهشتگردن کي ريڊ بوڪ ۾شامل ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي اختيارين موجب اهي دهشتگرد انتهائي گھربل ۽ خطرناڪ آهن، جيڪي ملڪ خلاف سرگرمين ۾ ملوث آهن. سي ٽي ڊي اختيارين موجب پراڻي ايڊيشن ۾ شامل 10 دهشتگرد گرفتار ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 7 گھربل دهشتگردن مان 5 مقابلن ۾ مارجي چڪا آهن ، جڏهن ته 2 دهشتگرد افغانستان ۽ شام ۾ مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن