ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) اسٽيٽ بينڪ ڪورونا صورتحال دوران ڪيل سروي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته عالمي وبا دوران 67 لک ماڻهن جي آمدني ۾ گھٽتائي ٿي آهي، اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل ٽه ماهي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وبا کان اڳ ورڪرز جو تعداد 5 ڪروڙ 57 لک هو، جيڪا ڪورونا سبب گھٽجي 3 ڪروڙ 50 لک ٿي ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ مطابق تعميراتي صنعت سان سلهاڙيل روزگار ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 59 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي، 21 سيڪڙو ورڪرن کي آمدني گھٽجڻ واري معاملي کي منهن ڏيڻو پيو. اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال دوران معاشي ترقي واري شرح 2 کان 3 سيڪڙو تائين رهندي، جڏهن ته هيل جي ڊي پي جي معاشي ترقي واري شرح جو حدف 2.1 سيڪڙو رکيو ويو هو، مهانگائي جو حدف 6.5 سيڪڙو تائين محدود رکڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي. مهانگائي جي شرح 8 کان 9 سيڪڙو تائين رهندي. اسٽيٽ بينڪ وڌيڪ چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ جو خسارو جي ڊي پي جو هڪ سيڪڙو تائين رهندو. مالياتي خساري کي 7 سيڪڙو تائين محدود رکڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، مالياتي خسارو جي ڊي پي جو 6.5 کان 7.5 تائين رهندو. اسٽيٽ بينڪ مطابق ته ڪپهه جي پيداوار 1986ع کانپوءِ گھٽ ترين سطح سطح تي اچي وئي آهي زرعي شعبي ۾ خريف جي اهم فصلن گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري.