اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) اليڪشن ڪميشن صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت طلب ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن مٿان الزام هڻڻ تي فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري، اليڪشن ڪميشن هفتي اندر ثبوت گهري ورتا تفصيل موجب ايوان صدر ۾ ڪالهه صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ انٽرنيٽ ووٽنگ بابت اجلاس طلب ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن کي به شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي پر اليڪشن ڪميشن مان ڪنهن به عملدار ايوان صدر ۾ ٿيل اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، اليڪشن ڪميشن جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پاران ڪالهه ايوان صدر ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪنهن به اليڪشن ڪميشن جي عملدار کي شرڪت ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، چيف اليڪشن ڪمشنر اهو فيصلو ايوان صدر ۾ ان کان اڳ ٿيل اجلاس ۾ وفاقي وزيرن پاران اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن سان غير مناسب ٻولي ڳالهائڻ واري واقعي کي سامهون رکي ڪيو، هوڏانهن ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي خصوصي سيڪريٽري جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن مٿان سنگين الزام لڳائيندڙ وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، ان حوالي سان پيمرا پاران وفاقي وزيرن جي اليڪشن ڪميشن بابت ڪيل پريس ڪانفرنسن جي وڊيوز جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو، جنهن بعد ريلوي جي وفاقي وزير اعظم سواتي ۽ سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري کي اليڪشن ڪميشن باضابطه طور تي نوٽيس جاري ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن پاران ٻنهي وزيرن کي اماڻيل نوٽيسن ۾ کين هدايت ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن مٿان لڳايل الزامن جا ثبوت 7 ڏينهن اندر اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪيا وڃن، ياد رهي ته ريلوي جي وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن مٿان پيسا وٺڻ سميت سنگين الزام لڳايا هئا، فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر کي مخالف ڌر جو ترجمان قرار ڏنو هو.