اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نادرا پاران پاڻمرادو انٽرنيٽ ووٽنگ بابت اليڪشن ڪميشن کي 2 ارب 40 ڪروڙ رپين جي فراهمي جو نئون معاهدو ڪرڻ لاءِ خط لکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران نادرا جي لکيل خط ۾ استعمال ڪيل ٻولي تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نادرا جي لکيل خط مان ائين لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن نادرا جو ماتحت ادارو آهي، جنهن کي نادرا حڪم ڏئي رهي آهي، تفصيل موجب ذريعن ٻڌايو آهي ته نادرا پاران اليڪشن ڪميشن کي انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم لاءِ 2 ارب 40 ڪروڙ رپين جو نئون معاهدو ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو، ان خط جو اليڪشن ڪميشن پاران ڪو جواب نه ملڻ تي نادرا ياد ڏيارڻ لاءِ 20 آگسٽ 2021ع تي اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو، جنهن جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن نادرا کي لکت ۾ خط اماڻيو آهي، ليڪشن ڪميشن نادرا جي 20 آگسٽ تي لکيل خط تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نادرا پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته انٽرنيٽ ووٽنگ بابت نادرا پاران تجويز ڪيل سسٽم تي جلد اليڪشن ڪميشن پاران اڳڀرائي ڪئي وڃي، نادرا جي خط ۾ لکيل ٻولي مان اهو تاثر ملي ٿو ته اليڪشن ڪميشن نادرا جو ماتحت ادارو آهي، نادرا هڪ آئيني اداري کي حڪم ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن نادرا کي مستقبل ۾ اهڙي ٻولي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪو به اسٽاف آفيسر ڪنهن سينيئر آفيسر سان مخاطب نه ٿو ٿي سگهي، اليڪشن ڪميشن خط ۾ لکيو آهي ته نادرا اليڪشن ڪميشن سان انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم لاءِ 2 ارب 40 ڪروڙن جو نئون معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، نادرا پهريان اهو ٻڌائي ته انٽرنيٽ ووٽنگ جو اڳ شروع ٿيل منصوبو نادرا ڇو ڇڏيو؟، جنهن تي 6 ڪروڙ 65 لک رپيا خرچ ٿيا، جيڪڏهن ان نظام ۾ ڪي خاميون هيون ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟، ڇا ان حوالي سان ڪنهن جي ذميواري جو تعين ڪيو ويو آهي؟، اهو به ٻڌايو وڃي ته ان صورتحال باوجود اليڪشن ڪميشن 2 ارب 40 ڪروڙ جي نئين معاهدي طرف ڇو وڃي؟، اليڪشن ڪميشن اماڻيل خط ۾ نادارا کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.