اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ ڪارڪنن کي اليڪشن ڪميشن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ٻاهر نڪرڻ جي هدايت ڪئي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جي چوري پڪڙڻ تي اليڪشن ڪميشن جا سمورا ميمبرز جسُ لهڻن، فيصلي خلاف رڳو 30-40 ماڻهو ٻاهر نڪتا، اهڙو مايوس ڪندڙ احتجاج ڪڏهن ناهي ڏٺو، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا عدالت ويا ته اسان به اپيل داخل ڪنداسين، عمران خان تي فوجداري ڪيس داخل ڪيو ويندو، پنڪي پيرني، فرح گوگي ۽ قادر ٽرسٽ جا ڪيس اڃا رهيل آهن.