راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 5 هفتن کانپوءِ رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته آئون ملازمت جي مدي ۾ واڌ نه وٺندس، 5 هفتن کانپوءِ رٽائر ٿي ويندس. پنهنجي بيان ۾ جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته فوج هاڻي سياست ۾ ڪردار ادا نه ڪندي. ياد رهي ته ان کان اڳ به آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا واضح ڪيو هو ته هو ملازمت جي مدي ۾ واڌ نه وٺندو. هوڏانهن آرمي چيف نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو دورو ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 24 هين قومي سلامتي ورڪشاپ کي خطاب ڪيو، آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف قومي سلامتي کي درپيش چيلنجز ۽ جوابي قدمن تي ڳالهايو ۽ چيو ته قومي مفادن جي حفاظت ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ قومي هم آهنگي اڻٽر آهي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي چيلنجز جو مقابلو ڪيو ۽ هر ڀيري مضبوطي سان اڀري نڪتو، دهشتگردي خلاف جنگ قومي اتحاد ۽ يگانيت سان ڪامياب ٿي.