اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان مڃي ورتو ته اصل جنگ پنجاب ۾ ئي آهي، صوبي ۾ بار بار ٿيندڙ تبديلين جو دفاع ڪندي عمران خان چيو ته 2 سال اهم آهن، اصل چيلنجز نتيجو ڏيڻ ۽ گورننس بهتر ڪرڻ آهي، پنج سالن کانپوءِ ڪير ياد نه رکندو ته ڪيتريون تبديليون ڪيون، ٻن سالن ۾ زور لڳائڻو آهي، هدف حاصل ڪري ورتو ته پارٽي ۽ اسانجي اتحادي حڪومت وڌيڪ مضبوط بڻجي اڳتي ايندي. عمران خان چيو ته چونڊ سڌارن ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين معاملي تي اپوزيشن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻندڙ تبديلي جي مخالفت ڪري رهيا آهن، ووٽنگ مشين پاڪستان جي چونڊ عمل جو وڏو مسئلو حل ڪري وٺندي.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ملاقات ڪئي ، وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا، شهباز گل، فيصل جاويد به شرڪت ڪئي، ملاقات دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جو وزيراعظم سان تعارف ڪرايو ويو، وزيراعظم رانديگرن سان ڪرڪيٽ جي حوالي سان ٽپس ۽ پنهنجا تجربا به شيئر ڪيا، وزيراعظم رانديگرن سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي ٽيم ۽ قوم لاءِ کيڏڻو آهي، پوري قوم جون نظرون توهان ۾ آهن، قوم توهان کي ڪامياب ڏسڻ چاهي ٿي، توهان دنيا ۾ پاڪستان جا نمائندا ۽ سفير آهيو، توهان ۾ ٽيلينٽ جي کوٽ ناهي، توهان کي گهٻرائڻو ناهي، خوداعتمادي ۽ جذبي سان ميدان تي لهو، توهان کي جارحاڻي انداز ۾ کيڏڻو آهي.