جاسوسي لاءِ ماڻهو صرف ڀارت موڪلي ٿو، پاڪستان ائين نٿو ڪري: را جو ايجنٽ

0
315
جاسوسي لاءِ ماڻهو صرف

ڪراچي(۾ ڊ) ڀارت جي بدنام زمانه ڳجهي ايجنسي ”را“ جو پاڪستان ۾ نيٽ ورڪ ان جي اڳوڻي ايجنٽ ئي بي نقاب ڪري ڇڏيو.

پاڪستان ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو جاسوسي نيٽ ورڪ هن ڀيري پاڻ هڪ ڀارتي ٽي وي چينل بي نقاب ڪيو.

پرو پنجاب ٽي وي سان ڳالهائيندي را جي اڳوڻي جاسوس ڊينيل انڪشاف ڪيو ته هن کي را جي طرفان پاڪستان ۾ بم ڌماڪا ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو.

ڊينيل هي به انڪشاف ڪيو ته جاسوسي جي لاءِ ماڻهو صرف ڀارت موڪلي ٿو، پاڪستان ائين نٿو ڪري.

ڀارتي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ را جي ايجنٽ اعتراف ڪيو ته هن پاڪستان ۾ ڀارت جي لاءِ جاسوسي ڪئي ۽ پڪڙيو ويو، پاڪستان ۾ چار سال قيد ڪاٽي.

ڊينيل را ۽ ڀارتي فوج جي هڪ ٻئي جاسوس راجو بابت به ٻڌايو ۽ چيو ته هو هاڻي به پاڪستان ۾ قيد آهي.

هن جو چوڻ آهي ته هن جي واپسي کانپوءِ ڀارتي حڪومت هن کي 15 هزار روپيا ڏئي فارغ ڪري ڇڏيوهاڻي سخت غربت واري زندگي گذار رهيو آهي.

ڀارتي ايجنٽ جو چوڻ آهي ته را هاڻي به پاڪستان ۾ پنهنجي سرگرمين ۾ ملوث آهي، پاڪستاني تمام سٺا آهن.