اشو آف دي ڊي … معصوم نظرون سنڌ جي ھر باشعور فرد لاءِ ھڪ دانھن آهي: نينگر فرحان سومرو جي رسن سان ٻڌل تصوير تي عوام جو ردعمل

0
91

  ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان هفتو اڳ اغوا ٿي ويل معصوم ٻار فرحان سومرو جي رسن سان ٻڌل حالت ۾ تصوير سامهون آئي آهي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو آهي، ڌاڙيلن معصوم ٻار فرحان کي رسن سان ٻڌي تصوير وائرل ڪئي، اهڙي تصوير وائرل ٿيڻ بعد عرفان سومرو جا وارث پريشاني واري عالم ۾ مبتلا ٿيل آهن، ٻار فرحان سومرو جي وارثن موجب ڌاڙيلن معصوم ٻار کي رسين سان ٻڌي ان جي وڊيو وائرل ڪري اسان کي صدمو رسايو آهي اسان جي معصوم ٻار کي ڌاڙيلن جي قيد مان آزاد ڪرايو وڃي، واضح رهي ته ڪنڌڪوٽ ضلعي مان معصوم ٻارڙن سميت 20 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، پوليس سکڻن بيانن کانسواءِ ڪجهه ڪري نه سگهي آهي، ان حوالي سان علي رضا ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏ڪنڌڪوٽ ۾ وحشي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻايل معصوم فرحان علي سومرو،  خدارا انھن وحشين، درندن خلاف ڪو سخت آپريشن ڪيو جيئن سنڌ جون مائرون، ڀينرون سک جو ساھ کڻي سگھن، سلامت علي اڪبر ۽ حڪيم نادر چانڊيو تصوير تي افسوس جو اظهار ڪيو، سعيده گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪنڌ ڪوٽ مان ھڪ ٻيو ٻار اغوا، بي ضميرن جي  حڪومت آهي، پٽ  ڇا ڪجي، توھان جون معصوم نظرون سنڌ جي ھر باشعور فرد لاءِ ھڪ دانھن ھڪ ڏوراپو آھن  ۽ پنج ڪروڙ سنڌي فقط ويٺا تماشو ڏسن ته وري ڪڏھن ٿو ڪنھن امڙ جو لال کسجي، محمد حنيف نظاماڻي لکيو ته بس ڇو اچي ٻارڙن جي پويان پيا آھن خبر نٿي پوي اسان جي سنڌ ڪھڙي طرف پئي وڃي، افسوس روز ڪونه ڪو تماشو اسڪرين تي اچي ٿو، ڌاڙيل ته لفظ دهشت آ پر ٻارن کي کڻي مڙس ماڻھون نه چئبو، لڳي ٿو سنڌ ۾ لاقانونيت آھي ھرڪو پنھنجو ضلع سنڀاليو ڪم کي پٽيو پيو اچي، سنڌي ميانداد چانڊيو لکيو ته سنڌ ۾ وڏا ڌاڙيل سنڌ جا حڪمران آھن ڪچي ۾ انهن جا شاگرد آھن، محمد موسيٰ آرائين اهڙي عمل جي مذمت ڪئي، مختيار علي خاصخيلي لکيو ته اسٽيٽ خاموش تماشاھي آھي ڪير پڇڻ وارو ڪونھي، لياقت علي لکيو ته اڄڪلھه ماڻھن مان انسانيت ختم ٿي وئي آهي، بس احتياط ئي ڪري سگھجي ٿو، ابراهيم ڪيهر لکيو ته نا اھل حڪمران آهي، ذوالفقار علي لغاري لکيو ته اصل ۾ ڌاڙيل حڪمران خود آھن، ميان اعجاز ڪلهوڙو لکيو ته ظلم جي انتھا آھي سنڌ حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گھرجي، ڊاڪٽر شبير چانڊيو به افسوس جو اظهار ڪيو، سارنگ منير سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سرڪار جي منهن تي چماٽ ، ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم فرحان سومرو جي رسن سان  ٻڌل وڍيو جاري ڪئي وئي آهي، ڌاڙيلن پاران جاري ڪيل وڊيو  رياست پوليس ۽ قانون جي منھن تي چماٽ آھي، جاويد ساگر لکيو ته فرحان سومرو کي آزاد ڪيو وڃي، مير حسن ڀنڀرو لکيو ته افسوس آهي هي ڌاڙيل نه پر درندا آهن اڳ ۾ ڌاڙيل غيرتمند هوندا هئا عورتن ۽ ننڍن ٻارن تي هٿ به نه کڻندا هئا پر هاڻي بيغيرت آهن، ڪي ايم سومرو لکيو ته افسوس آهي هي ڌاڙيل نه پر درندا آهن اڳ ۾ ڌاڙيل غيرتمند هوندا هئا عورتن ۽ ننڍن ٻارن تي هٿ به نه کڻندا هئا، انيلا رفيق ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي به ڪنھن جيجل جي جگر جو ٽڪڙو آھي جنھن کي ظالم ڌاڙيلن رسن سان ٻڌي ڇڏيو آھي ڪنھن رئيس ڀوتار وڏيري جي پٽ کي ڌاڙيل اغوا ڪري ايئن رسن سان ٻڌي ڇڏين ھا ته ھينئر پوليس سميت سمورا ادارا ٿرٿلي ۾ ھجن ھا. جنهن تي مقصود چانڊيو لکيو ته  ڀوتارن جي اولاد کي ڌاڙيل اغوا نه ڪندا ڇو ته ڀوتار ڌاڙيل جو سپورٽر ۽ ساٿاري آھي، فدا سرمد لکيو ته توکي رسن ۾ جڪڙيل ڏسي روح روئي پيو،۔ لڙڪ وهي پيا،۔ ڇا ڪريون پاڻ به ايئن ئي جڪڙيل آهيون، ظالمن هٿان سماجي بي حسين هٿان، پنهنجي ته ڪو ٻڌي ئي نٿو هر طرف ماٺار آهي، ايس ايس پي آفيس ڪشمور کان وٺي ڀوتارن جي بنگلن تائين ڇوته انهن جا ٻچا محفوظ آهن ۽ تون مسڪين فرمان مزدوري ڪندڙ جو پٽ آهين تڏهن تنهنجو جسم جڪڙيو ويو آهي روح قيد ٿيل ۽ دل جا درد ٻڌائڻ کان قاصر آهين، ڇو ته تون وحشي ۽ درنده عناصر وٽ قيد آهين، ها معصوم  ٻچڙا تنهنجي دانهن رب ڏانهن موڪليون ٿا ڇوته اهو ئي ٻڌڻ وارو آهي. عبدالجبار کوسو، ممتاز جوڻيجو، گلزار علي شاهه، رياض، غلام علي چاچڙ، حبيب الله نهڙيو، وحيد بيوس سومرو، سڪندر کوسو، فدا حسين بجاراڻي، عزادار غفار سومرو، معشوق علي، الطاف حسين، اصغر رند، جبار بروهي، غلام ياسين پرهياڙ، لياقت علي، رئيس اظهر عباس، قربان علي ڪيريو ۽ ٻين به ردعمل ڏنو.