دبئي(اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين لاءِ اميدوار ذڪا اشرف جي بيان بعد ايشن ڪرڪيٽ ڪائونسل جو رد عمل اچي ويو آهي، اي سي سي جي هڪ ميمبر چيو آهي ته ايشيا ڪپ لاءِ هائيبرڊ ماڊل جي تجويز پاڪستان ڏني هئي، هاڻ ڪابه تبديلي نه ٿيندي. اي سي  ذڪا اشرف جو موقف رد ڪندي چيو ته نجم سيٺي جي تجويز تي سمورن ميمبر ملڪن کي هائبرڊ ماڊل تحت ٽورنامينٽ ڪرائڻ تي راصي ڪيو انڪري هاڻي ان تي تنقيد ڪرڻ جو ڪوبه جواز نٿو ٺهي. سندس چوڻ هو ته ايشيا ڪپ جو سمورو پرگرام فائنل ڪري شيڊيول جاري ڪيو آهي، پاڪستان کي جيڪي به ميچ ڏنا ويا آهن انهن بابت پي سي بي کي اڳ ۾ ئي آگاهه ڪيو هو، واضح رهي ته نجم سيٺي جا پي سي بي کان رستا ڌار ٿيڻ بعد چيئرمين لاءِ نامزد اميدوار ذڪا اشرف هائبرڊ ماڊل تحت ايشيا ڪپ منعقد ڪرائڻ تي سخت تنقيد ڪئي هئي، ذڪاءَ اشرف ايشيا ڪپ لاءِ هائبرڊ ماڊل کي رد ڪندي ان کي پاڪستان سان ناانصافي قرار ڏنو آهي، اڱاري جي ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران ذڪاءَ اشرف جو چوڻ هو ته هو هائبرڊ ماڊل کي پهريان ئي رد ڪري چڪو آهي، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان کي ايشيا ڪپ جي ميزباني ڏني هئي، تنهنڪري ميگا ايونٽ جون ڪُل ميچون پاڪستان جي ميزباني ۾ ئي ٿيڻ گهرجن ها ٻئي طرف ڀارتي اخبار ٽائمز آف انڊيا جي هڪ رپورٽ  موجب  ذڪاءَ اشرف جي بيان بعد ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل هڪ رڪن چيو آهي ته ذڪاءَ اشرف آزاد آهي، کيس جيڪو وڻي چئي سگهي ٿو