اشو آف دي ڊي … صحافي ڪنهن جي ونگار پيا وهن يا حقيقت ٿا ٻڌائن ؟ پارس شاهه قتل ڪيس بابت سوشل ميڊيا تي بحث

0
70

 پارس شاهه قتل ڪيس ۾ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، سوشل ميڊيا تي صحافي هڪٻئي مٿان ڌر هجڻ جا الزام هڻي رهيا آهن سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهن چيو ته پارس شاهه جي قتل جو ڊرامو ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل جوابدار ڌر بيگناهه آهي، ڪجهه ماڻهن وري چيو ته پارس شاهه قتل ٿيو آهي، سحر شاهه جي بغض ۾ معاملو خراب ڪيو پيو وڃي  امداد سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس ايس پي بشير بروھي پاران مبينه طور تي وردي ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري عورتن سميت خاندان جي پنجن ڀاتين کي پارس شاھ جي قدرتي موت کي قتل قرار ڏئي ملوث ڪرڻ خلاف پارس شاھ ڪيس جي جوابدارن جي وارثن جو آئي جي سنڌ سان رابطو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ايس ايس پي بشير بروھي، ڊي ايس پي سانگهڙ آصف آرائين سميت سمورن ٽيم ميمبرن خلاف پارس شاھ جي قدرتي موت کي قتل قرار ڏئي ان ۾ بيگناھ ماڻهن کي ملوث ڪرڻ خلاف سخت قدم کڻي سزا ڏني وڃي ذريعن مطابق پارس شاھ جو موت نومبر ۾ ٿيو، ان کان پوءِ پنجن مهينن تائين ان جي گهر واري فرزانه پنهجي ساھرن جي گهر رھي، پر جڏهن ان پارس شاھ جي گهر وارن کي پارس شاھ جي ٻئي ڀاءُ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهجي چئن سالن جي معصوم ٻارڙي جي گهر ڪئي ته پارس شاھ جا وارث مڇرجي پيا، مئي 11 تي ڪراچي جي سيشن عدالت پارس شاھ جي بيوھ فرزانه جي فرياد تي ان جي ٻارڙي جي حوالگي جي حوالي سان فيصلو ڏنو ۽ بيواھ کي فيملي عدالت سان رابطو ڪرڻ جو چيو ته پنجن مهينن کانپوءِ پهريون ڀيرو پارس شاھ جي وارثن مقتول جي بيواھ فرزانه جي ڪردار ڪشي ڪئي ته ان پنهجي چاهيندڙ سان ملي پنهجي مڙس کي قتل ڪرايو آهي ۽ پنجن ڏينهن ۾ ايس ايس پي بشير بروهي ڪيس کي قتل قرار ڏيندي مبينه قاتل ڪال ڊيٽا، ٽيڪنيڪل ۽ فرانزڪ شاهدين جي آڌار تي گرفتار ڪري، ڪيس کي حل ڪرڻ جي دعوا ڪئي ۽ هڪ جوابدار اسرار شاھ کي ميڊيا آڏو پيش ڪري ان جو قبولداري جو بيان ڏياريو…جيڪو اصل ۾ ٽارچر ڪري ورتو ويو هئو اها حقيقت بعد ۾ ميڊيڪل ۾ ثابت به ٿي… مبينه جوابدار اسرار شاھ ۽ ديدار شاھ اڳ ۾ ڀٽائي نگر ٿاڻي ۽ سراج لاشاري جي تحقيقات ۾ بيگناھ ثابت ٿيا هئا منهجي تحقيق مطابق هي سڄو ڊرامو آهي جنهن ۾ ايس ايس پي بشير بروھي سميت پارس شاھ جا گهر وارا مبينا ملوث آهن… سانگهڙ پوليس عدالت جي شوڪاز نوٽيسن باوجود ڪيس جو ڪچو چالان به پيش ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ڇو پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھه به ناهي، پارس شاھ ڪيس سانگهڙ منتقل ٿيڻ کان پهرين ئي اپريل ۾ ان جو سانگهڙ وڃڻ، مئي 10 ۽ 11 تي سانگهڙ ۾ هجڻ ۽ مئي 17 جڏهن ايس ايس پي بشير بروھي پاران ڪيس حل ڪرڻ جي دعوا ڪئي اتي سانگهڙ ۾ موجود هجڻ ۽ سانگهڙ پوليس جي ڪيترن ئي اهلڪارن سان رابطو ۾ رهڻ ڪيترائي ئي شڪ شبا پئدا ڪري ٿو، دي نيوز لاءِ اهڙي تحقيقاتي اسٽوري ڏني آهي، ڪاش هن ڪيس ۾ صحيح انصاف ٿئي ۽ ماتلي جي غريب خاندان کي انصاف ملي ۽ ڪوڙو الزام لڳايو آهي ته ان کي سخت سزا ملي قادر لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سحر شاھه جي ڀاءُ جو قتل ڪيس سندس اڳوڻو مڙس اصغر سومرو ئي خراب پيو ڪرائي، مبينا طور اصغر سومرو پنهنجي زال سحر شاھه کي ڏنل طلاق کي جسٽيفاءِ ڪرڻ لاءِ پنهنجا صحافتي تعلقات استعمال ڪندي اهڙيون خبرون پيو هلرائي، اصغر سومرو ۽ سحر شاھه وچ ۾ طلاق ٿي چڪي آهي. اها خبر به گڏائي ڏني پئي وڃي ته سحر شاھه پنهنجي ڀاءُ جي قتل ڪيس ۾ ذاتي تعلقات استعمال ڪري ٻي پارٽي سان مبينا زيادتي ڪئي آهي ان ڪري اصغر سومرو کيس طلاق ڏني آهي، آئون سمجهان ٿو ته اصغر سومرو پنهنجا صحافتي واستا استعمال ڪري ان قسم جون خبرون پيو فيڊ ڪرائي. حالانڪ اهڙي ڪا به ڳالھه ناهي بشير بروهي جيڪا انڪوائري ڪئي آهي اها نج ميرٽ تي آهي. ان ۾ سمورا ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن جوابدارن ڏوھه جو اعتراف ڪندي ڏوھه ۾ استعمال ٿيل سامان رڪور ڪرايو ويو آهي. جاچ آفيسر حيران آهن ته سراج لاشاري جهڙي پوليس آفيسر غلط رپورٽ ڏئي پنهنجو ڪيريئر تباھ ڪيو، ڪيس جي پهرئين آئي او کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جنهن هن ڪيس جي جاچ ۾ شاهديون مبينا خراب ڪيون، اهو سڀ ڪجهه مڪمل پلاننگ سان ٿيو آهي مجاهد حسين سيد لکيو ته ھن ڪيس بابت ھاڻي ڪافي ابھام پيدا ٿي ويا آھن، ڪجھه اخبارن ۾ خبرون به لڳيون ھيون جن کي پڙھي مون به ھڪ پوسٽ رکي ھئي، ڪجھه ڄاڻ حاصل ڪئي، ھتي ٻن الڳ الڳ معاملن کي گڏائي ھڪ نئون بحث ڇيڙيو آھي، شادي ۽ طلاق وارا معاملا ھنن جا ذاتي اشوز آھن، جن تي ڪنھن کي به ڳالھائڻ نه گھرجي ته بھتر، سحر شاھه يا اصغر تي ذاتي حملا ٿيڻ نه گھرجن. جاچ ٿيڻ گھرجي ته قتل ڪيئن ٿيو ۽ ڪيس جو چالان پوليس ڇو پيش نه پئي ڪري منصور مغيري لکيو ته اصغر سومرو هڪ پڙهيل لکيل تحقيق وارو ماڻهو آهي، ڪنهن جي ذاتي زندگي ۾ مداخلت بهتر ناهي، ڪيس جي مون کي به ڪافي ڄاڻ ملي آهي، بشير بروهي سان ملاقات ۽ ثبوت ڏسڻ کانپوءِ مان به ان راءِ جو آهينا ته جوابدار درست پڪڙيا ويا آهن اصغر کاڻوٺي لکيو ته خون کي ذاتي انا يا بغض جي ور نه چاڙهڻ گهرجي، مجتبيٰ جوکيو لکيو ته سموري معاملي جي عدالت جاچ ٿيڻ گهرجي تاج سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سحر شاهه سان همدردي ڪرڻ وارا دوست ڏاهپ کان ڪم وٺن. سحر شاهه، پارس جي مبينا قتل مامري تي غلط ڪيو آهي ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پارس شاهه قتل ڪيس، ڪجهه لڪل ڳالهيون به منظر تي اچڻ شروع ٿي ويون، جوابدار نه بچڻ گهرجن اشوڪ راماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھڪڙو صحافي پارس شاهه جو قتل لوڙھڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويو آهي،علي ڪامران سهتو لکيو ته سحر شاهه سان بغض ۾ سندس ڀاءُ پارس شاهه جو خون لوڙهڻ زيادتي آھي فرحان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪجھه صحافين جي سوچ ايتري ڪريل به ٿي سگهي ٿي، گهٽ ۾ گهٽ مونکي اندازو نه هئو، هڪ ڀيڻ پنهنجي مقتول ڀاءُ جي خون سان انصاف لاءِ جدوجهد ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرايو، هاڻي سماج جا سڌريل صحافي دوست کيس مختلف الزامن سان نوازي رهيا آهن..جنهن تي قاضي مهراڻ لکيو ته مون کي به ڏاڍي حيرت ۽ افسوس ٿيو… ڇا سوشل ميڊيا رڳو ھڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ آھي… ڪنھن تي به الزام لڳائي ڇڏڻ اڄ ڪلھه معمول بڻجي ويو آھي حبيب جمالي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اهو کڻي هڪ پل لاءِ مڃي وٺجي ته بشير بروهي پارس شاهه جي قتل ۾ بيگناهن کي ڦاسايو آهي پر اهو به مڃڻو پوندو ته ڪيس اڃا انڊر انڪوائري آهي، هن وقت سانگهڙ جو ايس ايس پي به تبديل ٿي چڪو آهي، جيڪو ڪمبائنڊ انويسٽيگيشن ٽيم (جنهن ۾ 6 کان وڌيڪ آفيسر) شامل آهن) کي سپروائيز ڪري رهيو آهي، موجوده ايس ايس پي پوءِ ڪيس مان بيگناهن جا نالا خارج ڇو نٿو ڪري؟ سي آئي ٽي ايڌي رضاڪارن جا بيان به قلمبند ڪيا، جن ٻڌايو ته پارس شاهه جو مٿو ڦاٽل هو، ڇا هن ڪيس ۾ ٽيليڪام ڪمپنيون به ڌر  آهن؟ جن جوابدارن جي لوڪيشن پارس جي گهران ڄاڻائي..؟