شهدادپور جي سِمس اسپتال جي گيٽ اڳيان عورت چنگچي ۾ ٻار ڄڻيو، سوشل ميڊيا تي اهڙيون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن، جنهن کانپوءِ اسپتال انتظاميا مٿان تنقيد ٿي رهي آهي ۽ واقعي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ همٿ مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 21هين صدي واري سنڌ، شهدادپور ۾ هڪ ماءُ پنهنجي ٻار کي اسپتال ٻاهران چنگچي ۾ جنم ڏئي رهي آهي، ٻڏي مرڻ جو مقام آهي، حڪمرانن لاءِ شرم جي ڳالهه آهي. جنهن تي اشوڪ ڪمار لکيو ته بدقسمت ھي اسان جو شھر شھدادپور آھي جتي سانگھر ضلعي جي وڏي ۾ وڏي ھاسپيٽل آھي پر ڪو به ھن ھاسپيٽل تي ڌيان نه آھي ھر ٽيسٽ جي سھو لت ھوندي به ٻاھران ٽيسٽون ڪرايون وڃن ٿيون اھو چيو ويندو آهي ته مشيننون خراب آھن سڄي ھاسپيٽل ئي سياست جي ور چڙھيل آھي، ڏهراج دولتاڻي لکيو ته شاهوڪار سنڌ جي اها حالت آهي، بابو ورما لکيو ته مبينا طور فنڊ به کائي ٿا وڃن، ڀڳوان داس ميگهواڙ لکيو ته جتي ڪٿي سرڪاري اسپتالن جي اها ئي حالت آهي. ‏عرفان گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شھدادپور جي 34 ڪروڙن جي بجيٽ رکندڙ سرڪاري اسپتال انتظاميا ۽ عملي جي نااھلي ۽ لاپرواھي، ڊليوري لاءِ آيل ڳورھاري عورت کي اسپتال عملي پرائيويٽ اسپتال ۾ وڃڻ لاءِ زور بار ڪري ليبر روم ۾ اچڻ ئي نه ڏنو عورتن اسپتال جي گيٽ اڳيان چنگچي ۾ پوتيون ۽ ڪپڙو ٻڌي ڊليوري ڪرائي ٻارڙي کي جنم ڏنو، جنهن تي محمد شريف ڪولاچي لکيو ته ھن واقعي جي انڪوائري ٿيڻ کپي، شايد ڪپڙا تبديل ڪندي ھجي باقي چنگچي ۾ ڊليوري ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿي ؟؟ ڊاڪٽرياڻي ڪيئن اسپتال ڇڏي چنگچي ۾ ڊليوري ڪرائيندي يا پاڻمرادو ڊليوري ٿي رھي آھي، بھرحال اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي.محمد مٺل پڻ اسپتال انتظاميا جي لاپرواهي جي مذمت ڪئي.