ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهڙي عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن چيو ته حڪومت شهباز شريف کي ٻاهر وڃڻ کان روڪي سٺو ڪم ڪيو آهي ڪجهه ماڻهن چيو ته حڪومت عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، حڪومت سڄو ڊرامو پئي ڪري جيئن اپوزيشن کي ڪمزور ڪري سگھجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي احسان ملاح لکيو ته تبديلي سرڪار بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي جيڪا مريم نواز جي هن وقت واري سياست کان ڊنل آهي شهباز شريف کي علاج ڪرائڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ کان روڪي عمران خان جي سرڪار عدالتي حُڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي، عدالتي حُڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي وڃي باقي عمران خان جي سرڪار رڳو انتقامي ڪارروايون ڪرڻ واري پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ ۾ رُڌل آهي. ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته اهو غلط عمل آھي.. سرڪار پاران شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. خادم گهراڻو لکيو ته حڪومت شهباز شريف جو اي سي ايل ۾هنيو آهي پر ڪجهه نه ٿيندو هزارين طريقا وڃڻ جا آهن هي بيماري جو بهانو ڪري ويندو، عابد حسين بليدي لکيو ته حڪومت ڊرامو نه ڪري، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته حڪومت جو اهو فيصلو بهترين آهي، جي ايم مگسي لکيو ته ايترو وقت حڪومت ۾ رھي ڪري به پنھنجي علاج لاءِ ڪا اسپتال نه ٺاهي سگهيا آهن، اھي ته وڏا ماڻهو آهن انھن کي پڪ آهي ته اسان کي ڪا به گورنمينٽ ھجي اھا اجازت ڏئي ڇڏيندي، پر اتي جيڪڏھن غريب ھجي ته ان لاءِ وڏا وڏا مسئلا پيدا ٿين ھا، اھو فيصلو تمام بھترين آهي ڇو جو غريب امير سڀ ھڪجهڙا ٿا لڳن، ڪاشف لغاري لکيو ته عام ماڻهو بيمار ٿيندو آهي ته ان کي ملڪ جي غير معياري سرڪاري اسپتالن ۾ علاج لاءِ موڪليو ويندو آهي حڪومت ۾ رھندي شھباز شريف ايڏا وڏا واعدا ڪيا اڄ چوي ٿو بيمار آھيان ٻاھرين ملڪ وڃڻ ڏيو عمران خان سٺو فيصلو ڪيو آهي.انصاف سڀني لاءِ برابر ھجڻ گھرجي. عادل الاهي بخش لکيو ته وفاقي حڪومت مخالف ڌر کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهي آھي اهو عمل بهتر نه آھي احتساب ٿيڻ گهرجي پر هڪ طرفو نه هجڻ گهرجي، سارنگ چنو لکيو ته اهو سڄو ڊرامو آهي اپوزيشن کي ڪمزور جو، ڇا شهباز شريف جيل مان ڀڄي ويندو، اسلم سومرو لکيو ته اھو حڪومت سڄو ڊرامو پئي ڪري جيئن اپوزيشن کي ڪمزور ڪري سگھي حڪومت ۾ ويٺل پاڻ ڇا کير مان ڌوتل آھن ڇا عمران دور ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي آهي ڪنهن به دور ۾ ايتري ڪرپشن نه ٿي آھي، گلزار احمد درس چيو ته عوام کي ان سان ڪوبه سروڪار نه آھي ته ڪير جيل ۾ ڪير ٻاھر عوام ھٿ ٻڌي اپيل ٿو ڪري ته اٽو سستو ڪريو، آفتاب لغاري لکيو ته شھباز شريف کي ٻاھر وڃڻ جي اجازت اعليٰ عدالت ڏني آهي ته پوءِ حڪومت جو عدالتي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪھڙو جواز آهي ان مان ثابت ٿيو ته حڪومت کي ادارن تي اعتبار ناهي، ثناءُالله چنا لکيو ته اپوزيشن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ حڪومت شهباز شريف جو نالو اي سي ايل وڌوآهي ڇا شهباز ايترو زور آهي جو حڪومت کان ڀڄي ويندو؟ احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، شوڪت علي خيبر لکيو ته اهو بهترين فيصلو آهي. سليم اختر لکيو ته درست فيصلو آهي ڇو جو وڏا چور عدالتن جو سھارو وٺي فرار ٿيندا پيا وڃن ۽ تنقيد وري وفاقي حڪومت تي ٿئي ٿي، غفار لغاري لکيو ته علاج خاطر ٻاھر وڃڻ کان روڪڻ سٺو عمل ته نه چئبو پر علاج جو بھانو ڪري ٻاھر ڀڄي وڃڻ به صحيح نه آهي، فيصل وزير مري لکيو ته حڪومت جو اھو ڪم ڀلو آھي ڇو ته شھباز شريف بيماري جو بهانو ڪري ملڪ مان فرار ٿيڻ ٿو چاھي جيئن نواز شريف بيماري جو بهانو ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو هو، باقر علي گوپانگ، شبير احمد ڪوري لکيو ته حڪومت جو اهو بهترين عمل آهي، آصف ابڙو لکيو ته علاج خاطر ٻاهر وڃي سگهجي ٿو حڪومت کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي، ايم عشرت بروهي لکيو ته اهو ڪم حڪومت جو ڀلو آهي، بشير ميراڻي لکيو ته حڪومت صرف شريف خاندان جي پويان پئجي وئي آهي پنهنجي ذميواري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڀرت لال لکيو ته شهباز شريف کي نه ڇڏڻ گهرجي، طارق حسين راڄپر لکيو ته وفاقي حڪومت اهو غلط ڪري رهي آھي شھباز شريف کي علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ملڪ جي اعليٰ عدالت ڏني آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ۽ ڪمزور ٿي چڪي آهي ضمني اليڪشنن ۾ ن ليگ جي ڪاميابي ڏسي عمران سرڪار اقتدار جي زور تي انتقام پئي وٺي، سڪندر بلوچ لکيو ته اھو حڪومت سڄو ڊرامو پئي ڪري جيئن اپوزيشن کي ڪمزور ڪري سگھي، سڪندر علي لکيو ته بهترين فيصلو آهي، نعيم شر لکيو ته اھو حڪومت سڄو ڊرامو پئي ڪري جيئن اپوزيشن کي ڪمزور ڪري سگھجي، سينگار علي لکيو ته شھباز شريف کي ٻاھر وڃڻ جي اجازت اعليٰ عدالت ڏني آهي ته پوءِ حڪومت جو عدالتي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪھڙو جواز آهي.