ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير انرولمينٽ توڙي امتحاني فين ۽ ميٽرڪ توڙي انٽر جي هونهار شاگردن جي همت افزائي لاءِ 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي اسپيشل پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نائين کان ٻارهين ڪلاس جي شاگردن جي انرولمينٽ ۽ امتحاني في جي مد ۾ مدد ڪرڻ لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي اسڪالر شپ جي مد ۾ 2 ارب رپيا ڏنا ويندا.