ڪراچي: گورنر هائوس ۾ سيڪريٽري ۽ ٻين ملازمن لاءِ نوان فليٽ ٺاهڻ لاءِ 5 ڪروڙ16 لک 52 هزار رپيا رکيا ويا، ايس اينڊ جي اي ڊي جي سينوا سٽي ۾ اندرين ۽ ٻاهرين ترقياتي ڪمن لاءِ 5 ڪروڙ 31 لک 56 هزار رکيا ويا، سي ايم آءِ ٽي جي لاءِ فيلڊ آفيسز ٺاهڻ خاطر 10 لک رپيا مختص ڪيا ويا، ڊي سي اولهه، اي ڊي سيز، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن جي رهائشگاهن جي مرمت لاءِ 5 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا، نئين ضلعي ڪياماڙي جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۽ رهائشگاهه لاءِ 8 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا، باٿ آئي لينڊ ۾ 20 سيڪريٽرين جي فليٽن جي مرمتي ڪم لاءِ 15 ڪروڙ مختص ڪيا ويا، ڊيفنٽ سنڌ آرڊ زون ڊولپمينٽ اٿارٽي جي پلاٽ تي 75 ڊپٽي سيڪريٽرين جي فليٽن جي مرمت لاءِ 20 ڪروڙ رکيا ويا، پراونشل سول سروسز اڪيڊمي جي تعمير لاءِ 25 ڪروڙ رکيا ويا، چيف منسٽر سيڪريٽريٽ جي نئين بلڊنگ جي مرمت لاءِ 40 ڪروڙ رکيا ويا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي سيڪريٽريٽ ڪامپليڪس لاءِ 24 ڪروڙ88 لک 20 هزار رکيا ويا، اهڙي ريت سروس جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ جي عمارتن لاءِ هڪ ارب 43 ڪروڙ 29 لک 76 هزار رپيا رکيا ويا.