اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، گوڏن ڀر زمين تي لٽڪيل لاش جي تصوير واري منظر نوجوان جي موت بابت سوال پيدا ڪري ڇڏيا پر پوليس روايت کي برقرار رکندي وارثن جي بيان کي ڪافي قرار ڏئي موت جو ڪارڻ دماغي توازن درست نه هجڻ سبب خودڪشي ڄاڻائي ڇڏيو. خبر موجب اسلام ڪوٽ تعلقي جي جهانگرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪاٽڻ ۾ 24 سالن جي شادي شده نوجوان نارائڻ پٽ ڏاهيو ڪولهيءَ جو وڻ جي ڏار ۾ ٽنگيل لاش ڏسي مال چاريندڙ ڌنارن وارثن ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو. جهانگرو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڻ ۾ ٽنگيل لاش لاهي اسلام ڪوٽ جي اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته نوجوان ڳچ عرصي کان بيمار رهندو هو، سندس دماغي توازن پڻ درست نه هو، جنهن سبب هن خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آھي، اسان ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نٿا ڪرائڻ چاهيون، ان تي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي نوجوان جي موت واري تصوير پڻ سواليه نشان بڻيل آهي. تصوير ۾ نوجوان جو لاش وڻ جي هڪ ڪمزور ڏار ۾ ٽنگيل نظر اچي رهيو آهي ۽ سندس جا گوڏا به زمين تي کتل آهن. ڄاڻايل تصوير بابت سوشل ميڊيا تي سڄو ڏينهن بحث ڇڙيل رهيو، جنهن م پوليس جي ڪارڪردگيءَ بابت پڻ سوال اٿاريا ويا ته ٿر ۾ پوليس اهڙن واقعن جي جاچ ڪرڻ بدران روايتي نااهليءَ جو مظاهرو ڪندي فوتيءَ جي وارثن جي بيان کي ڪافي سمجهي پنهنجي جند آجي ڪرائي ڇڏي ٿي. ان ڪري اهڙن واقعن جي اصل سببن جي خبر ئي نٿي پوي. ياد رهي ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ خودڪشين جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن، پر پوليس جي ڪوتاهي سبب انهن جا اصل سبب سامهون نٿا اچن.