ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سپريم ڪورٽ اڄ جن ڪيسن تي فيصلا ۽ ريمارڪس ڏئي رهي آهي، اهي ڪيس اڳوڻي ميئر نعمت الله خان پاران ايم ڪيو ايم جي قبضن خلاف داخل ڪرايا هئا، پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالعزيز سميت پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ جي ڪارڪنن جي پ پ ۾ شموليت جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪم ٿيو آهي، هن چيو ته عدالتي فيصلن جو احترام آهي پر عدالت کي استدعا آهي ته هزارن جي تعداد ۾ بي گھر ٿيندڙ ماڻهن جي حوالي سان حڪومت کي وقت ڏنو وڃي ته جيئن سندن ٻيهر آبادڪاري ممڪن ٿي سگھي. هن چيو ته جن ماڻهن اهو ڪم ڪيو آهي انهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته پوري ملڪ ۾ خانگي اسڪولن پاران هن سال فين ۾ رعايت ناهي ڏني وئي، ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضٰي وهاب سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بحريا ٽائون ۽ بني گالا کي سنڌ حڪومت نه پر سپريم ڪورٽ ريگيولرائيزڊ ڪيو آهي، هن چيو ته احتجاج سڀني جو حق آهي پر قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪيو وڃي.