ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو ڪيس کي نواز ليگ خراب ڪيو. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته انتقام نه، صاف ۽ شفاف احتساب تي يقين رکون ٿا. اسان ڪنهن جي به بنا ڪنهن سبب جي احتساب جا قائل نه آهيون. احتساب جي عمل مان گذرندڙن کي صفائي جو موقعو ڏنو وڃي. عمران خان اين آر او نه ڏيندو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان آمريڪا کي هوائي اڏا نه ڏيندو. آمريڪي انٽيليجس ايجنسي سي آءِ اي چيف جو دورو ڳجهو نه هو. هي ان جو پهريون يا آخري دورو نه هو. ڪلڀوشن ياديو جي سزا خلاف اپيل بابت قانون سازي تي شاهه محمود قريشي چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس کي نواز ليگ خراب ڪيو. اسان عالمي عدالت جي سفارشن تي عمل ڪري رهيا آهيون. عالمي عدالت جي تجويز تي اسان ڪلڀوشن بابت قدم کنيا. ڀارت چاهي ٿو ته ڪلڀوشن کي قونصلر پهچ نه ڏني وڃي ۽ پاڪستان کي ٻيهر عالمي عدالت ۾ کڻي وڃي. اميد آهي ته اپوزيشن ناسمجهي جو مظاهرو نه ڪندي ۽ اپوزيشن ميمبر ڀارت جي چالن کي سڃاڻين ٿا. بجيٽ جي حوالي سان اپوزيشن جي تنقيد تي پرڏيهي وزير چيو ته ناڻي واري وزير چيو آهي ته مني بجيٽ نه پيا آڻيون. احسن اقبال پهريان بجيٽ ڪتاب جو مطالعو ڪري پوءِ تنقيد ڪئي وڃي، چين جي خلاف جي سيون ملڪن جي قدمن بابت شاهه محمود قريشي چيو ته اهي قدم جنهن سان ترقي يافته ملڪن ۾ ترقي ٿئي ان سان اسان کي خوشي ٿيندي، ترقي يافته ملڪن ۾ سرمائيڪاري جي منصوبي جي قدمن سان چين کي ڪوبه خطرو نه آهي، چين سي پيڪ جو پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. جي سيون ملڪ اهڙي طرح جا پروجيڪٽ ڪرڻ چاهين ٿا ته اهو سٺو مقابلو آهي. ملتان ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته پنجاب جي سمورن ضلعن ۾ وزيراعظم جي حڪم تي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽيون ٺاهيون ويون آهن. جيڪي ترقياتي ڪمن جون نگراني ڪنديون.