لنڊن (م ڊ) وڏي معيشت جي گروپ جي-7 بجلي پيداوار لاءِ ڪوئلي جو استعمال ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. برطانيا ۾ هلندڙ جي سيون ملڪن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس ڪالهه پڄاڻي تي پهتي، اجلاس ۾ سمورن ميمبرن ملڪن آمريڪا، برطانيا، ڪئناڊا، اٽلي، فرانس، جرمني ۽ جاپان جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ست وڏين معاشي معيشتن جي اتحاد جي سيون ملڪن ماحولياتي تحفظ لاءِ وڏو قدم کڻندي بجلي پيداوار ڪرڻ لاءِ ڪوئلي جو استعمال ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جي سيون ملڪن اتفاق ڪيو آهي ته 7 ئي ملڪ بجلي پيداوار لاءِ ڪوئلي جو استعمال ختم ڪندا ۽ صنعتي سطح تي ڊي ڪاربنائيزيشن ايجنڊا لاءِ 2 ارب خرچ ڪندا. اجلاس ۾ ڪورونا وبا کان متاثر ميمبر ملڪن جي معيشت جي بحالي لاءِ اپاءُ وٺڻ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو.