اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف اپوزيشن پاران جمع ٿيل بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر اڄ سيڪريٽريٽ جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ ڊپٽي اسپيڪر خلاف رٿ تي بجيٽ سيشن دوران ووٽنگ ڪرائڻ بابت فيصلو ٿيندو، قومي اسيمبلي جي رولز مطابق رٿ جمع ٿيڻ جي 7 ڏينهن اندر ان تي ووٽنگ ڪرائڻ ضروري آهي، هلندڙ هفتي دوران رٿ ووٽنگ لاءِ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي، ووٽنگ ڳجهي راءِ شماري تحت ٿيندي، ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ مخالف ڌر کي 172 ووٽ گهربل هوندا.