اسرائيل- حماس جنگ بندي ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن جي واڌ

0
210
اسرائيل- حماس جنگ بندي ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن جي واڌ
اسرائيل- حماس جنگ بندي ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن جي واڌ

غزه ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن جي جنگبندي تي اتفاق ٿيڻ بعد اسرائيلي فوج جنگبندي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حماس  به جنگبندي ۾ واڌ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

 اسرائيلي اختيارين موجب يرغمالين جي آزاديءَ کي نظر ۾ رکندي جنگبندي جاري رهندي، ٽياڪڙي جي ڪوششن ۾ جنگبندي معاهدو جاري رهندو

غزه ۾ عارضي جنگبندي جي اڄ ڇهين ۽ آخري ڏينهن حماس وڌيڪ 12 اسرائيلي يرغمالي آزاد ڪري ڇڏيا، جن ۾ 2 روسي عورتون به شامل آهن

 اسرائيل طرفان 30 فلسطيني قيدين جي آزادي رولڙي جو شڪار، ڇهن ڏينهن جي جنگبندي دوران حماس طرفان آزاد ڪيل يرغمالين جو انگ 93 ٿي ويو، اسرائيلي جيلن ۾ قيد 180 فسلطينين کي آزادي نصيب ٿي آهي