راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان اسيمبلين مان نڪتو ته 567 سيٽون خالي ٿينديون ۽ اپريل ۾ چونڊون ٿينديون. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ چوندو هيس اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيو ۽ چونڊن ڏانهن وڃو، اسان تڪرار بدران چونڊن جي شرط تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.