سيالڪوٽ (م ڊ) دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان راولپنڊي ۾ اسان جي حڪومت ڪيرائڻ بدران پنهنجون ٻه حڪومتون ڪيرائڻ آيو هو. سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمران خان جي گفتگو بي فائدي ٿي وئي آهي، هن جيڪي اعلان ڪيا، ان جو آئيني ۽ عوامي طور تي ڪو به نتيجو نه نڪرندو. هن چيو ته راولپنڊي ۾ سوڙهي روڊ تي جلسو ڪيو ويو، اڳتي جلسا گهٽين ۾ ٿيندا، اقتدار به هڪ نشو آهي، اهو نشو کين تنگ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ماڻهو اڃا تائين پارليامينٽ لاجز استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مراد سعيد ارشد شريف قتل ڪيس ۾ جاچ ٽيم سامهون پيش نه پيو ٿئي، جيڪڏهن ان ليپ ٽاپ ۾ ڪنهن ڏانهن اشارو آهي ته سامهون اچي.