احتساب جي ساک بچائڻ لاءِ الزامن جي جاچ نه ٿيڻ گهرجي !؟

0
536
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان جي ملڪ ۾ احتسابي نظام يا احتساب تي سدائين سوال اٿندا رهندا آهن،ڪڏهن ان کي سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جا الزام لڳندا آهن ته ڪڏهن انهي احتساب کي سياسي مخالفن خلاف انتقام طور استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن ڪري نه ڪڏهن احتساب ٿي سگهندو آهي نه ئي ڪرپشن جو ملڪ مان خاتمو ٿيندي نظر ايندو آهي بلڪه احتساب جو نعرو هڻندڙ حڪمرانن ۽ احتساب جي به ساک خراب ٿي ويندي آهي جنهن ڪري ڪڏهن به انهي احتساب جي نعري کي عوامي مڃتا نه ملي سگهندي آهي.
ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ به موجوده حڪومت تي به ڪجهه اهڙا الزام هنيا آهن جيڪي احتساب کي انتقام طور استعمال ڪرڻ وارن الزامن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، مخالف سياسي ماڻهن جا الزام ته حڪومتن تي لڳندا رهندا آهن پر گهڻو ڪري انهن کي سياسي مخالفن جي موقف طور ئي ورتو ويندو آهي پر ملڪ جي هڪ اهم اداري جي اڳوڻي سربراهه جي اهڙن الزامن کان ايئن اکيون ٻوٽي نه ٿيون سگهجن جيڪي الزام مخالف ڌر جي موقف کي صحيح ثابت ڪنديون هجن. ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ هڪ انٽرويو ۾ الزام لڳايو آهي ته کيس وزيراعظم، احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر،وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ۽ قانون واري وزير فروغ نسيم ،سپريم ڪورٽ جي معزز جج قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيس ٺاهڻ ۽ جاچ ڪرڻ جو چيو، جنهن تي مون کين ٻڌايو ته ايف آءِ اي جي اختيارن ۾ ئي ناهي ته ڪنهن جج خلاف جاچ ڪري سگهي،جڏهن ته وزيراعظم سياسي مخالفن خلاف به ايف آءِ اي کي استعمال ڪرڻ پئي چاهيو ۽ سندس مرضي سان ڪم نه ڪرڻ تي هن ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيڪو ڪم اوهان نه ڪيو اهو نيب ڪري رهي آهي. هي ڪي معمولي الزام ناهن نيب ۽ حڪومت جي ڳٺجوڙ جو الزام مخالف ڌر لڳائيندي رهي آهي ۽ بشير ميمڻ جون ڳالهين تي غور ڪجي ته اهي احتساب کي شڪي بڻائي ڇڏين ٿيون هن جيڪي مخالف سياسي ماڻهن جا نالا ورتا اهي ئي هن وقت به يا جيل ۾ آهن يا ڪيسن مان ضمانتون ڪرائي ٻاهر نڪتل آهن ۽ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اصل مسئلو اهو ناهي ته اهي ڪيس سچا آهن يا ڪوڙا اصل مسئلو اهو آهي ته ڇا واقعي هڪ اداري کي سياسي مقصدن ۽ مخالفن کان انتقام وٺڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،ڇا سپريم ڪورٽ جي هڪ معزز جج خلاف ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو اهو به وزيراعظم جي سطح تي، جڏهن ته آئيني طور ججن خلاف ڪارروائي رڳو سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪري سگهي ٿي.
اسان سمجهون ٿا ته هي ڪي معمولي الزام ناهن ۽ الزام هڻندڙ جيڪو پاڻ هاڻي ريٽائر ٿي چڪوآهي اهو ئي انهي حڪومت کان جاچ جو مطالبو ڪري رهيو آهي جنهن تي هو الزام هڻي رهيو آهي. الزام درست آهن يا غلط اهي جاچ ڪرڻ کانسواءِ ته خبر نه پئجي سگهندي نه ئي اسان اهو چئون ٿا ته اهي الزام سچا آهن پر ڇا انهي الزامن سان حڪومت جي احتساب واري نعري جي ساک خراب نه ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري ئي ملڪي عوام هن پارٽي کي چونڊي اقتدار تائين پهچايو ڇا اها حڪومت پنهنجي ۽ احتساب جي نعري جي ساک بچائڻ لاءِ انهن الزامن جي جاچ نه ٿي ڪرائي سگهي.