ملير: بحريا ٽائون انتظاميا جي ڳوٺ تي چڙهائي، مزاحمت، مراد گبول گرفتار

0
707

ملير (ن پ ا) بحريا ٽائون انتظاميا پاران ديهه ڪاٺوڙ ۽ ديهه لنگيجي جي زمينن کي حاصل ڪرڻ لاءِ روينيو ۽ پوليس جي مدد سان چڙھائي ڪئي وئي، بحريا سان مهاڏو اٽڪائيندڙ چاچا فيض محمد گبول جي نورمحمد گبول ڳوٺ تي چڙھائي دوران زمين ڏيڻ کان انڪار ۽ زمين جي حفاظت جي اعلان تي فيض محمد گبول جي پٽ مراد گبول کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ديه لنگيجي ۾ اڳوڻي ضلع ڪائونسل ميمبر داد ڪريم جي زمين تي قبضي جي ڪوشش دوران ڳوٺاڻن پاران مزاحمت ڪرڻ تي پريشن ڇڏي انتظاميا واپس موٽي وئي، داد ڪريم مقامي زميندار ۽ اڳوڻو ضلع ڪائونسلر جو چوڻ آهي ته بحريا انتظاميا سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي اسان جي ڳوٺن ۽ سروي زمينن تي قبضا ڪري رهي آھي، اسان پنهنجا ڳوٺ ۽ زمينون بچائڻ لاءِ هر فورم تي جدوجهد ڪنداسين.