اتر غزه جون سموريون اسپتالون بند، 36 ٻار آءِ سي يو سهولت نه ملڻ سبب شهيد ٿي ويا

0
122

نيويارڪ ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او ) اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ غزه جي مک اسپتال الشفا جي غيرفعال ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، طبي سهولتون نه هجڻ ۽ علاج نه ملڻ ڪري 36 تازا ڄاول ٻار ۽ 9 مريض شهيد ٿي ويا. جڏهن ته حماس پڻ اتر غزه جون سڀئي اسپتالون بند هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته غزه جي مرڪزي اسپتال الشاف هاڻ مڪمل طور غيرفعال ٿي چڪي آهي. ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ڊاڪٽر ٽيڊروس موجب، الشاف اسپتال ۽ ان جي ڀرپاسي مسلسل فائرنگ ۽ بمباري جاري آهي جنهن اڳ ئي خراب ڳڻتي جوڳي حالتن کي وڌيڪ بدترين بڻائي ڇڏيو آهي

ٻئي پاسي حماس جو چوڻ آهي ته اتر غزه جي تمام اسپتالن ۾ ڪم بند ٿي ويو آهي. فلسطيني صحت واري وزارت موجب، الشفا اسپتال ۾ اٽڪل ٻه هزار ماڻهو موجود آهن، جن ۾ مريض، طبي عملو ۽ بي گهر ماڻهو پڻ شامل آهن. عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب، الشفا اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته کين خدشو آهي ته تازا ڄاول اٽڪل 36 ٻار آءِ سي يو ۾ علاج جون سهولتون نه ملڻ تي موت جو کاڄ بڻجي سگهن ٿا

هوڏانهن گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته الشفا اسپتال جي ويجهو شديد بمباري جي نتيجي ۾ ٽي نرسون حياتي وڃائي چڪيون آهن. اسٽاف ميمبرن جي موت تي اڄ گڏيل قومن جي اداري جو جھنڊو جهڪيل آهي. ياد رهي ته ست آڪٽوبر کان غزه تي جاري اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ شهيد فلسطينن جو انگ يارنهن هزار کان وڌي چڪو آهي جن ۾ ساڍا چار هزار ٻار پڻ شامل آهن. ٻئي پاسي غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جاري آهي ۽ 7 آڪٽوبر کان هيل تائين طبي عملي جا 192 ڄڻا به شهيد ٿي ويا آهن

The Gaza War Reverberates Across the Middle East | Crisis Group

صحت جي عالمي اداري موجب طبي عملي جا 16 ڄڻا ڊيوٽي دوران شهيد ٿيا. ان کانسواءِ گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي جا 101 ڄڻا، فلسطيني شهري دفاع جا 18 اهلڪار به حياتيون وڃائي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هيل تائين 44 فلسطيني صحافي به شهيد ٿي چڪا آهن