آصف زرداري جي انٽرويو کانپوءِ بلاول دبئي هليو ويو؟

0
122
آصف زرداري جي انٽرويو کانپوءِ بلاول دبئي هليو ويو؟
آصف زرداري جي انٽرويو کانپوءِ بلاول دبئي هليو ويو؟

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اوچتو دبئي روانو ٿي ويو آهي

گذريل ڏينهن خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو هو ته بلاول اڃا سياست سکي رهيو آهي، جيڪو به پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تي اليڪشن وڙهندو، اُن کي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو اختيار بلاول نه پر مون وٽ آهي

آصف زرداري جي انٽرويو جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري دبئي روانو ٿي ويو آهي، سوشل ميڊيا ان حوالي سان بحث شروع ٿي ويو آهي

ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي نفيسه شاهه به چيئرمين پيپلز پارٽي جي بيان سان اختلاف ڪندي چيو ته سياست ۾ نوجوانن ۽ تجربيڪار سياستدان، ٻنهي کي رهڻ گهرجي

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي آفيشل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڪي پي جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ دبئي ويو آهي، اختلافن جي خبرن ۾ صداقت ناهي