آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ تي اعتراض، فوج جو آرٽيڪل 245 کان ٻاهر ڪم ناهي: چيف جسٽس

0
158

سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارت جي اڏاوت روڪڻ خلاف آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

عدالت آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ جي وجود تي سوال اٿاري ڇڏيا، سپريم ڪورٽ سوال ڪندي چيو ته آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ جو قانوني وجود ڇا آهي؟ قانوني وجود نه رکندڙ ڊائريڪٽوريٽ درخواست نه ٿو ڏئي سگهي

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ جيڪڏهن متاثر ڌر به هجي ته وفاقي حڪومت ذريعي درخواست داخل ڪرائي سگهي ٿو، هاڻوڪي ڪيس ۾ ته ڊائريڪٽوريٽ وفاقي حڪومت، صدر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا هي وفاقي حڪومت جو پنهنجي ئي خلاف ڪيس آهي؟ وڪيل عابد زبيري چيو ته آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ صدارتي آرڊر 1982 سان وجود ۾ آيو

جسٽس اطهر من الله چيو ته آرٽيڪل 245 پڙهو ڇا ٿو چوي، فوج جو آرٽيڪل 245 کان ٻاهر ڪو به ڪم نه آهي، چيف جسٽس چيو ته قانوني وجود نه رکندڙ درخواست گذار جو ڪيس نه ٿا ٻڌي سگهون، سنڌ هاءِ ڪورٽ عسڪري فور جي پارڪنگ ايريا ۾ گهڻ ماڙ عمارت جي تعمير روڪڻ جو حڪم ڏنو هو

آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو

هي به پڙهندا

فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏيڻ خلاف اپيل داخل ڪرائڻ جو فيصلو