فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏيڻ خلاف اپيل داخل ڪرائڻ جو فيصلو

0
157

نگران وفاقي سرڪار پاران فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏيڻ خلاف اپيل داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 نگران ڪابينا جي ٻن ميمبرز موجب سپريم ڪورٽ جي فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل خلاف ٻڌايل فيصلي خلاف اپيل ڪئي ويندي

 سڌسماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته قانون واري وزارت ٻين ادارن سان گڏجي عدالتي فيصلي جو جائزو وٺندي

نگران وفاقي وزير موجب حڪومت تفصيلي فيصلي جو انتظار ڪندي، قانون واري وزارت جي راءِ جي روشني ۾ اپيل داخل ڪرائڻ بابت حتمي فيصلو ڪابينا ڪندي

 سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو هو