سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اجتماعي زيادتي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار

0
119
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين جي وارثن جون دانهون، عدالت جو اهم حڪم
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين جي وارثن جون دانهون، عدالت جو اهم حڪم

سنڌ ۾ ٻارن ۽ عورتن سان ڏاڍائي جا 2 هزار ڪيس رپورٽ ٿيڻ باوجود اينٽي ريپ ٽرائل ايڪٽ 2021 تي عمل نه ٿي سگهيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران عملدرآمد بابت جواب جمع نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت، وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري، سنڌ جي گهرو کاتي ۽ ٻين کي لکت ۾ جواب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

درخواست گذار طارق منصور ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته رڳو جنوري 2023 کان اپريل تائين 142 ٻارڙن سان ڏاڍائي سميت ريپ جا 771 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، پوليس سڌارن لاءِ قانون ته ٺاهيو ويو پر ان تي عمل نه ٿيو آهي

طارق منصور ايڊووڪيٽ خراب ۽ ناقص جاچ عمل جي ڪري ٻارن ۽ عورتن سان ڏاڍائي جي ڪيسن ۾ 10 کان 12 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڏاڍائي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي 30 نومبر تائين ڌرين کان جواب طلب ڪيو ويو آهي