آئين ۾ هر سزا جو مُدو آهي ته تاحيات نااهلي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو سزا ڪاٽڻ کانپوءِ به ڪڏهن چونڊون نه وڙهي سگهندو: عدالت

0
51

آئين ۾ هر سزا جو مُدو آهي ته تاحيات نااهلي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو سزا ڪاٽڻ کانپوءِ به ڪڏهن چونڊون نه وڙهي سگهندو، سپريم ڪورٽ ۾ تاحيات نااهلي بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه جا سوال، جسٽس جمال مندوخيل پُڇيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ نااهلي جو مُدو ڪٿي لکيل آهي؟ جسٽس منصور علي شاهه چيو سوال هي آهي ته ڇا ذيلي قانونسازي سان آئين ۾ ڦيرڦار ممڪن آهي؟ قتل ۽ غداري جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ڪجهه عرصي کانپوءِ چونڊ وڙهي سگهجي ٿي، پر معمولي سببن تي تاحيات نااهلي غيرمناسب نٿي لڳي؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سندس راءِ ۾ اصل آئين ۽ پوءِ واري ترميم ۾ تضاد هجي ته اصل آئين تي ڀاڙڻ گهرجي، اسان ڊڪٽيٽر جي نه، پر چونڊيل نمائندن جي قانونسازي تي ڀاڙينداسين