ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج جيڪب آباد انتظاميا پاران اسڪالرشپ لاءِ پاس ٿيندڙ شاگردن کي بجيٽ نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائي واپس گھر موڪلي ڇڏيو، ڪجهه مھينا اڳ آءِ بي اي انتظاميا طرفان پنجون پڙھندڙ شاگردن کان اسڪالرشپ لاءِ ٽيسٽ انٽرويو ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ ڳڙهي خيرو جا 15 شاگرد ۽ شاگردياڻيون پاس ٿيون، ڳڙهي خيرو واسي سيد مدثر شاھ پوري ضلعي اندر ٻئين پوزيشن حاصل ڪئي. پاس ٿيندڙ ٻارن جي والدين کان آئي بي اي ڪميونٽي ڪاليج انتظاميه طرفان ب فارم ، ڊوميسائيل پي آر سي ۽ ٻيا ضروري ڊاڪيومنٽس به گھرايا ويا ٽن مھينن بعد ڪاليج انتظاميا 11 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بجيٽ نه ھجڻ جو جواز ڄاڻائي واپس گھر موڪلي ڇڏيو. آءِ بي اي انتظاميا جي اھڙي عمل خلاف متاثر ٻارڙن پنھنجي والدين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ماسات عبدالطيف ٻرڙو ، سيد عابد شاھ ۽ عبدالوھاب لاشاري ٻڌايو ته آءِ بي اي انتظاميا ٽن مھينن بعد بجيٽ جو جواز ڄاڻائي ٻارن کي واپس ڪيو آهي، انھن وٽ بجيٽ نه ھئي ته پھريائين ئي ٻڌائين ھا ٽن مھينن تائين آسري ۾ ڇو رکيائون.ضلعي ۾ ٻئي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد سيد مدثر شاھ کي به آئي بي اي انتظاميا گھر ڀيڙو ڪيو آھي.هوڏانهن آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج جيڪب آباد جي پرنسپال محمود ڊول رابطو ڪرڻ تي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اسڪالرشپ تعداد اوچتو گھٽائي ڇڏيو آھي سنڌ حڪومت طرفان پھريان ھر ضلعي ۾ 35 ٻارن کي اسڪالرشپ ملندي ھئي جيڪا ھاڻي 20 ڪئي وئي آهي، تنھن ڪري ھر ضلعي مان ٻار رھجي ويا آھن، ھن چيو ته اسڪالرشپ جي تعداد گھٽجڻ بعد ٽيسٽ ۾ ٽاپ اسڪور رکندڙ ٻارن کي ايڊميشن ڏني وئي آھي، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته سيد مدثر شاھ واقعي ضلع ۾ ٻئين پوزيشن حاصل ڪئي آھي پر مدثر شاھ جي جي آر ۾ ڪجهه ڦير ڦار آھي، ان معاملي تي انڪوائري به ڪئي وئي جنھن ۾ اھو ظاھر ٿيو ته مدثر شاھ پنج درجا 6 سالن ۾ پاس ڪيا آھن، ان ڪري کيس آءِ بي اي انتظاميا طرفان سندس داخلا رد ڪئي وئي آهي.