سوال/سروي استادن جي ڀرتين ۾فيميل اميدوار 50 سيڪڙو مارڪن تي پاس، ٻين ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟: عوام

0
160

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ عورتن لاءِ پاسنگ مارڪون 55 سيڪڙو مان گهٽائي 50 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، اقليتن لاءِ به 50 سيڪڙو پاسنگ مارڪون مقرر، معذورن لاءِ 33 سيڪڙو پاسنگ مارڪون هونديون، سنڌ ڪابينا پاران ڏنل اهڙي منظوري کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ سرڪار جو اهو فيصلو غلط آهي، ان کان اڳ به اميدوارن کي 35 مارڪن تي کنيو ويو آهي، 50 سيڪڙو مارڪن تي فيميل ۽ اقليتي پاس، باقي ٻين ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ ڪجهه  ماڻهن سنڌ سرڪار جي پاليسي جي حمايت ۽ ڪجهه ماڻهن مخالفت ڪئي، 40، 45،50 مارڪن تي پاس ڪرڻ جهڙيون تجويزون ڏنيون ويون.

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته سنڌ حڪومت جو فيصلو صحيح آھي، فضل لکيو ته نوڪري لاءِ پئسا ڀرڻ واري پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي، مارڪون ڀلي 10 سيڪڙو مقرر ڪن، خادم گهراڻو لکيو ته هتي عورتن معذورن ۽ ٻين کي رعايت ڏني وئي آهي پر ڇوڪرن ڇو نه ڏني وئي آهي ڇوڪرن کي به رعايت ڏني وڃي استادن جون ڀرتيون جلد ڪيون وڃن،

شڪيل ڇڄڙو لکيو ته مرد اميدوارن لاءِ ٽوٽل مارڪون 55 مان گھٽائي 50 ڪيون وڃي ھارڊ ايريا 40 تي صحيح ھيو وري انھن لاءِ ريليف ڏيڻ سمجھه کان ٻاھر آھي اسان به ٻھراڙي جا آھيون اسان به ته اتي ٻھراڙي ۾ پڙھيو آهيون اسان 50 کان مٿي مارڪون کڻي به فيل، باقي ھارڊ ايريا جي نالي ميرٽ جو قتل عام نه ڪيو. جن پاليسيءَ تحت ھر سبجيڪٽ ۾ پنجيتاليهھ سيڪڙو پاس پر 55 کان ھڪ 2 مارڪون گھٽ کنيون آهن انھن سان ناانصافي آهي.

مرد اميدوارن لاءِ ٽوٽل مارڪون 55 مان گھٽائي 50 ڪيون وڃي. شاد محمد مهر لکيو ته ڪٿي ايئن ته ناهي جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ۾ تقريبن ساڳيا پاس ٿيل آهن، انگ اکر وري ڌار ڌار ڏنا ويا آهن، پرويز علي خاصخيلي لکيو ته ميرٽ لاءِ سهولت ڪن، فخر الزمان سومرو لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سڀ کان پهرين طئه ٿيل پاليسي موجب پاس ٿيندڙ اميدوارن جي پهرين ۽ ترجيحي بنيادن تي ميرٽ لسٽ جاري ڪري انهن کي آفر آرڊر جاري ڪري بعد ۾ رعايت جو اعلان ڪري ٻي ميرٽ لسٽ جاري ڪري آفر آرڊر جاري ڪري، علي گل شيخ لکيو ته سڀني لاءِ هڪ پاليسي هجڻ گهرجي،

هارڊ ايرياز وارا 33 تي پاس آهن اهي ڇا پڙهائيندا، سڀني کي 50 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڪيو وڃي، احمد رضا لکيو ته پي ايس ٽي جي پيپرن ۾ 43 غلطين جي بار بار نشاندھي باوجود جوابي ڪيز درست نه ڪرڻ،پيپر پبلڪ نه ڪرڻ آءِ بي اي ۽ سنڌ حڪومت جي ساک تي  داغ آھي، جنھن مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته حڪومت شفافيت ۽ ميرٽ نه ٿي چاھي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته غلط فيصلو آهي ٿيڻ ائين گهرجي ته جن اميدوارن 40مارڪون کنيون آهن انهن کي آرڊر ڏنا وڃن ڇو ته ان کان اڳ به ورتل ٽيسٽن ۾ به اميدوارن کي 35مارڪن تي کنيو ويو آهي، اسلام الدين سميجو لکيو ته 50 مارڪن تي في ميل ۽ اقليتي پاس، باقي ٻين ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟شيرزمان کوسو لکيو ته سنڌ پوليس ۾ سپاهي40 تي پاس ۽ هارڊ ايرياز ۾ جي ايس ٽي 33 تي پاس،

شاهد علي راهمون لکيو ته سنڌ سرڪار ھزارين نوجوانن جي اميدن کي لوڙھي ڇڏيو، فيض محمد گبول لکيو ته پڙھيل ، لکيل طبقي کي سنڌ حڪومت جي ان فيصلي تي بلڪل ئي اعتراض نه ھوندو، شنڪر باغي لکيو ته ڳالهيون نه پر عمل ڪريو ، جيئن غريبن کي روزگار ملي، رفيق انقلابي لکيو ته اها پاليسي رد ڪريون ٿا، آدم پتافي لکيو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪوئي پاليسي واضح نٿي ھجي حڪومت سدائين ڀرتين کي تڪراري بڻائي ٽي چار سال ڪڍي ويندي آھي،

مجاهد رند لکيو ته ٿر وارن کي فائدو ڏنو ويو آهي، مڪيش ڪمار لکيو ته اهڙي پاليسي رد ڪريون ٿا، 40 مارڪن تي پاس ڪيو وڃي، هالار ياسين لکيو ته فيصلو پوءِ به بهتر آهي، جمال الدين چنا لکيو ته 40 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڪرڻ گهرجي، عابد ڀٽي لکيو ته سنڌ حڪوت جو عجيب فيصلو آھي، گڙڌاري لال لکيو ته اميدوارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، نور محمد ڪنڀير لکيو ته سنڌ حقومت کي پاسنگ مارڪون 50سيڪڙو رکڻ گهرجي، امجد بلوچ به اهڙي پاليسي کي رد ڪيو، خالد چنا لکيو ته سنڌ ڪابينا جو فيصلو خوش بهتر آهي، جاويد احمد لکيو ته 50 سيڪڙو مجموعي مارڪون رکيون وڃن، ڪامريڊ لڪش والماڻي لکيو ته سٺو فيصلو آهي، جواد جوڻيجو به پاليسي کي رد ڪيو، جنيد جبار دائودپوٽو لکيو ته پنهنجا نواز پاليسيءَ تي عمل ٿئي پيو، نماڻو نوناري لکيو ته ٽوٽل پاسنگ مارڪون 50 رکجن، سڪندر علي لکيو ته عورتن لاءِ 40 تي پاس ڪرڻ کپي ها مردن لاءِ 50 مارڪون هجن، طارق راڄپر لکيو ته پئسن وارن کي نوڪريون ملنديون، حاجي خان سمجيو لکيو ته سٺو فيصلو آهي، جاويد چنو لکيو ته پاسنگ مارڪون 60 سيڪڙو رکڻ گهرجن، وسيم عباس فيصلي جي آجيان ڪئي، عبدالرحمان جوڻيجو لکيو ته 40 سيڪڙو مارڪون هجڻ گهرجن، خاموش خليل شر لکيو ته 45 مارڪن وارا پاس ڪيا وڃن، اقبال مهر لکيو ته پاسنگ مارڪون گهٽائي 45 سيڪڙو ڪيون وڃن، ممتاز سميجو لکيو ته پهريان ميرٽ لسٽ وارن کي آفر آرڊر ڏين، رضا ڪيريو به ان پاليسي جي مخالفت ڪئي، زاهد باجڪاڻي ۽ مڪيش ڀوراڻي لکيو ته 40 سيڪڙو مارڪون هجن، عبدالقادر گبول لکيو ته سنڌ سرڪار اهڙو فيصلو ڪهڙي قانون تحت ڪيو، عاشق حسين، مدثر کهاوڙ لکيو ته بهتر فيصلو آهي، وقار حسين لکيو ته مردن لاءِ به ساڳئي پاليسي هجڻ گهرجي، ذوالفقار جتوئي لکيو ته ھارڊ ايريا جي نالي تي پنھنجي من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن، فهيم مهر لکيو ته 40 سيڪڙو مارڪون هجڻ گهرجن، وقار علي هليو لکيو ته ميل 50 ۽ في ميل 40 سيڪڙو پاسنگ مارڪون هجن، محمد آصف لوهار لکيو ته 50 تي پاس ڪيو وڃي، آصف راڄپر لکيو ته سنڌ حڪومت به پي ٽي آءِ وانگر آهي، ساگر علي رضا لکيو ته سنڌ حڪومت کي ٽوٽل پاسنگ مارڪون 33 سيڪڙو رکڻ گهرجي.