عمران خان پاڪستان جو فيصلو قرض ڏيڻ وارن ملڪن جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي: بلاول ڀٽو زرداري

0
277

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آھي تھ عمران خان ڪشتو کڻي واشنگٽن، رياض، دبئي ۽ بيجنگ گھمندو رھيو ۽ ملڪي وقار خاک ۾ ملائي ڇڏيو. ھڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو جو چوڻ ھو تھ عمران خان قرضن تي ملڪي معيشت ھلائي آئندھ نسلن جي لاءِ کڏو کوٺي رھيو آھي، سخت شرطن تي قرضا کڻي معيشت ھلائڻ وارا تجربا مسئلا پيدا ڪندا. بلاول ڀٽو جو چوڻ ھو تھ ھن سال عمران خان 10 ارب ڊالر غير ملڪي وٺي چڪو آھي. عمران خان پاڪستان جو فيصلو قرض ڏيڻ وارن ملڪن جي ھٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آھي. بلاول ڀٽو جو چوڻ آھي تھ عمران خان ملڪي وقار خاک ۾ ملائي ڇڏيو آھي، عمران خان جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ٻاھريان قرضا 116 ارب ڊالر ٿي ويا آھن.