سکر انتظاميا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي شادي ھال ۽ 5 دوڪان سيل ڪري ڇڏيا

0
411

سکر: سکر انتظاميا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي شادي ھال ۽ 5 دوڪان سيل ڪري ڇڏيا. اسسٽنٽ ڪمشنر رانا محمد عمر جي ھدايتن تي ڪاروائي ڪندي مينارا روڊ تي شادي ھال، مشن روڊ ۽ نيم ڪي چاڙھيءَ تي دوڪانن کي سيل ڪيو ويو. ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن تي ھزارين روپيا ڏنڊ پڻ لڳايو ويو. واپارين کي سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل ايس او پي تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي.