وزارت عظميٰ لاءِ ميدان ۾ لٿل شهباز شريف ۽ عمر ايوب جا ڪاغذ منظور

0
31

وزارت عظميٰ جي لاءِ ميدان ۾ لٿل ميان شهباز شريف ۽ عمر ايوب جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن

سڀاڻي قومي اسيمبلي ۾ ملڪ جي نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ٿيندي، نوازليگ ۽ اتحادي جماعتن پاران نامزد اميدوار شهباز شريف جا اڄ نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا

 اسحاق ڊار، خورشيد شاهه، طارق بشير چيما، عون چوڌري ۽ خواجا آصف پاران قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ شهباز شريف جا نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا

سني اتحاد ڪائونسل پاران به عمر ايوب جا نامزدگي ڪاغذ اسد قيصر، بئرسٽر گوهر، علي محمد خان ۽ عامر ڊوگر  جمع ڪرايا، گذريل ڏينهن وزيراعظم جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو ويو هو