نيب نواز شريف کي بري ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

0
34
نيب نواز شريف کي بري ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي
نيب نواز شريف کي بري ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

توشا خانه ريفرنس ۾ نيب نواز شريف کي بري ڪرڻ جي سفارش ڪندي عملدرآمد بابت جاچ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ توشه خانا گاڏين بابت ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي، نيب رپورٽ موجب سعودي حڪومت 1997ع ۾ تڏهوڪي وزيراعظم کي گاڏي تحفي ۾ ڏني هئي

وزيراعظم تحفي ۾ مليل گاڏي کي توشا خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو هو، بعد ۾ تحفي ۾ مليل گاڏيءَ کي وفاقي ٽرانسپورٽ پول ۾ شامل ڪيو ويو هو

2008ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم يوسف گيلاني نواز شريف کي ڪار خريد ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، نواز شريف اها ڪار توشا خاني کان نه پر فيڊرل ٽرانسپورٽ پول مان خريد ڪئي

نواز شريف گاڏي جي قيمت جي ادائگي جعلي بئنڪ اڪائونٽ مان نه ڪئي، عدالت نواز شريف کي توشا خانه ريفرنس مان خارج يا بري قرار ڏئي سگهي ٿي