گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس بنا ڪنهن نتيجي ملتوي

0
45
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس بنا ڪنهن نتيجي ملتوي
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس بنا ڪنهن نتيجي ملتوي

اسرائيل تي ايراني حملي کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس بنا ڪنهن نتيجي ملتوي، چين وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏئي ڇڏيو

 هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته وچ اوڀر تباهي جي ڪناري تي آهي، خطو تباهي واري جنگ جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي

هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ڇڪتاڻ گهٽائجي، ڪنهن به رياست جي علائقائي سالميت خلاف طاقت جو استعمال منع آهي,  غزه ۾ جنگ بندي، يرغمالين جي غير مشروط آزادي ۽ امداد جي فراهمي سڀني جي گڏيل ذميواري آهي

 امريڪي نائب سفير رابرٽ ووڊ سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته ايران ۽ ان جي اتحادين پاران حملا بند ڪيا وڃن ۽ ايران جي جارحاڻي عمل جي مذمت ڪئي وڃي

هن چيو ته جيڪڏهن ايران يا ان جا ايجنٽ امريڪا يا اسرائيل خلاف ڪارروائي ڪندا ته ايران ذميوار هوندو،امريڪا مستقبل ۾ ايران جو گڏيل قومن ۾ احتساب لاءِ وڌيڪ قدم کڻندو