دادو جي ڇاڻو شاهه آباد پاڙي مان سڱ نه ملڻ تي نوجوان ناري مبينا اغوا

0
56

دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو جي ڇاڻو شاهه آباد پاڙي مان سڱ نه ملڻ تي نوجوان ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي

ناري جي امڙ مسمات هاڃل لغاري چيو ته نواب زرداري ساٿين سان گڏجي گهر تي حملو ڪري ڌيءَ مسڪان کي اغوا ڪري ويو

ناري جي امڙ وڌيڪ چيو ته هفتو اڳ نواب زرداري ڌيءَ مسڪان جو سڱ گهريو، انڪار ڪرڻ تي کيس اغوا ڪيو ويو آهي

هن چتاءُ ڏيندي چيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جا چڪر ڪاٽڻ باوجود پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري، ڌيءَ بازياب نه ٿي ته پاڻ ساڙينديس