ڀان سيدآباد ( ن پ ا ) ڀان سيدآباد ۾ ڄامشورو جي رهواسڻ گرلز ڪاليج حيدرآباد جي ليڪچرار ماروي ميمڻ پريس ڪلب پهچي ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته قمبر واسي عادل ميمڻ شادي ڪرڻ کانپوءِ شادي ڪرڻ کانپوءِ تشدد ڪندو هو. هن چيو ته عادل جي والدين به ٽارچر ڪندا هئا، هڪ سال بعد انهن مون کي گهر مان بيدخل ڪري ڪڍيو ۽ گهر اندر پيل منهنجو ذاتي سامان، سونا زيور، ڪپڙا، تعليمي سرٽيفيڪيٽ ۽ ٻيا اهم دستاويز به نه ٿا ڏين.هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي مڙس عادل ميمڻ مان مون کي، منهنجي ڌيءُ ۽ منهنجي فيملي کي خطرو آهي، ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار اڳوڻو مڙس عادل هوندو، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.