ڪراچي ـ سنڌ لٽريچر فيسٽيول  ۾ ٽرانسجينڊر بابت سيشن جي ماڊريٽر نورالھدي شاھ ڳالهائيندي چيو ته اوھين ٽي ثرانسجينڊر آھيو چوٿين آئون به ٽرانسجينڊر آھيان ـ سندس مختلف سوالن جا جواب ڏيندي  ايڊووڪيٽ نشا راءِ چيو ته آئون سمجھان ٿي ايتري پڙھائي ۽ تبديلي باوجود سماج جو ڌڪاريل رويو تڪليف ڏي ٿو ـ پاڪستان ۾ کدڙي فقير سان محبت ڪرڻ جائز ئي ناھي ته ڇا ڪجي؟ کدڙو پئسا ڏئي محبت وٺي ٿو ـ اداڪارا ڪامي چيو ته آئون پنهنجي کدڙو فقير ھجڻ تي فخر محسوس ڪريان ٿي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن آھيان اسين ڪنهن کي تنگ ڪرڻ بدران پنهنجي حصي مان ننڍيون ننڍيون خوشيون تلاش ڪريون ٿا ۽ ورھايون ٿا، اسانجي خلاف مذھبي ڪارڊ استعمال ڪيو وڃي ٿو ـ اسان سان حڪومتون به اھو ئي ڪن پيون ته فلاڻو ڪارڊ ڏيو ـ ساڄي جماعت جا ماڻهو اسمبلي ۾ اسانجي تذليل ڪن ٿا ته پوءِ ان وقت اھي ماڻهو ڪٿي ٿا ھجن جيڪي ڪارڊ ڏيڻ ۽ فوٽو ڪڍرائين ٿاـ سياسي پارٽين کي تڏھن مڃينداسين جڏهن انھن جي مينيوفيسٽو ۾ کدڙن جو چيپٽر ھوندو ـ ـ ڊاڪٽر سارا گل چيو ته ھر انسان کي جنسي متڀيد بدران انسان سمجھڻ گھرجي جڏهن مردم شماري ۽ اليڪشن ٿئي ٿي ته کدڙن فقيرن جي لاء مخصوص سيٽون ڇو ناھن؟ بلدياتي سيٽن ۾ کدڙن فقيرن کي ڪٿي ٿا سيٽ ڏيو اھا واضع ته ڪريو ـ جڏهن ھڪ کدڙو فقير صحت وارو وزير ٿيڻ جي اھل آھي ته ھن کي يوسي ۾ ڪائونسلر ڇو ٿا ڪريو؟ ھن ملڪ تي عورتن ۽ مردن حڪمراني ڪئي آھي ملڪ جي معيشيت جو حال ۽ ڊالر جو اگهھ ڏسو ــانھي ڪري ھاڻي اسانکي آزمائي ڏٺو وڃي ـ