ڪراچي( رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي قومپرست اڳواڻن ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪندي چيو آهي ته وفاق سنڌ سان بجلي، گئس، ٽيڪسز ۽ پاڻي مامرن تي زيادتيون بند ڪري. ڪالھه  سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ سنڌ جي قومپرست سياست جو حال ۽ مستقبل جي عنوان ھيٺ ٿيل سيشن ۾ خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو چيو ته اسانکي زوري چون ٿا ته پاڪستاني قوم آھي پر پاڪستاني قوم ناھي، سنڌ ۾ ميرٽ تي بالادستي ـ پاڪستان ۾ ڪوٽا سسٽم ٺيڪ آھي پر ميرٽ جي گھر ڪريون ـ احتساب جو ماحول جوڙيون ـ ماڻهو  سوال پڇن ـ سنڌ ۾ انٽيلڪچوئل کي سنڌ حڪومت ۽ وفاق تائين رسائي ھجي ـ ڊائلاگ ڪرڻ جو موقعو ھجي ـ رڳو فتوائون جاري ڪنداسين ته سڀ ملي ويا اھو نه ڪيو وڃي ـ معيشيت ـ ڪيريئر ڊولپيمنٽ ـ زراعت ۽ ٻين تي ڊسڪورس ٿئي ـ يونيورسٽيون اھو ڪم نٿيون ڪن ـ اسانکي ٻين صوبن ۾ وڃي سنڌ جو ڪيس ٻين تائين پھچائڻ گھرجي ـ اردو ڳالهائيندڙن سان ڊائلاگ ڪريون ويجھو آڻيون ـ ڪو به ايڊوينچر نه ڪريون ڪا ڳڙٻڙ نه ڪريون ـ ڪراچي کي اڃا 50 سال پرامن رکڻو پوندو  جيڪو اڳرائي ڪري انھي جو جواب وائيلنس سان نه ڪريون ـ ڪراچي ۾ پنهنجي ماڻهن کي آباد ڪريون ـ اردو ميڊيا اھو موقعو فراھم پئي ڪري ته ڪيس ھاءِ لائيٽ ڪيو وڃي ـ سنڌ ۾ سياسي پارٽيون ڪراچي ۾ ماڻهن کي آباد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ۽ پرامن ماحول رکڻ ضروري آھي ـ سمورين ڪمزورين باوجود ٻين جي نااھلي جي ڪري پاڻ اڳتي وڌون پيا ـ قومپرستن جي ھڪ توانائي ھڪٻئي خلاف محاذ آرائي ۽ ٻيو ڏوھاري ھجڻ واري الزام تي ضايع ٿي ـ ھن چيو ته جي ڊي اي ۾ جنهن به وڏيري جيڪا ڳالهه ٿي ڪئي انھن پوري ٿي ڪئي منهنجي ڇڏڻ بعد ڪيترائي ماڻهو شامل ٿيا آھن ـ ارباب رحيم ـ ممتاز ڀٽو ـ پ پ ۾ آھن ته سٺا آھن ۽ جي ڊي اي ۾ آھن ته خراب آھي ـ امتياز شيخ جي ڊي اي ۾ ھو ته خراب ھو پر پ پ ۾ تمام گھڻو انرجيٽڪ آھي ـ هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن رسول بخش پليجي ـ يوسف لغاري ۽ ڄام ساقي کي ھارائي ڇڏيو. ايس ٽي پي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته جڏهن رياست تشدد ٿي ڪري ته پاڪستان جي عوامي پارٽي ۽ ٻيون پارٽيون وڃي پ پ ۾ ٿا پناهه وٺن ـ اسين گندي متبادل طور سامھون نٿا اچڻ چاھيون ـ اسان کي وڏيرن ۽ پنڊي جي آشيرواد واري سياست قبول ناھي ـ اسان وٽ ذميوارن بدران ٻين کان پڇاڻو ڪيو وڃي ٿو ـ ماڻهن ڀٽي کان وٺي آصف علي زرداري تائين پ پ لاءِ ڪوڙا کاڌا ۽ ووٽ ڏنا انھن کان پڇا ڪرڻ گھرجي ـ انھن بدران قومپرستن کان پڇندا آھيون ته اوھان ڇا ڪريو پيا ـ جڏھن سنڌ متحد ٿيندي ته سمورن مسئلن مان جان ڇڏائي وينداسين سنڌ جيئنيدي رھندي ـ ـ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جرور چيو ته انھن سيشنز ۾ پ پ جا به چونڊيل نمائندا ھجڻ گھرجن ھا انھن کان پڇجي ھا ته انھن جي 15 سالن کان حڪومت آھي ـ ھن ملڪ ۾ صحيح عوامي جھموريت ڪڏھن به ناهي رھي ـ جھموريت جي نالي تي ڊڪٽيٽرشپ آھي ـ اتي ڪم ڪرڻ آسان ناھي ـ بدترين جمھوريت ۾ سنڌ دشمن مسئلن خلاف قومپرست ڌريون ميدان ۾ صحيح رخ تي آھيون اسان کي ڳوٺن واھڻ وستين تائين پھچڻ گھرجي ـ قومپرستن کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت ـ سگا ۽ ٻيا ڇا پيا ڪن؟ انھن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ـ جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ چيو ته قومپرست اھو آھي جيڪو ڌرتي جو ڄائو ۽ خيال رکندڙ آھي ـ بشير قريشي جڏهن ڪراچي ۾ مارچ ڪيو ته اھو رياست قبول نه ڪيو ـ ھن وقت جيڪو ڳالهائي ٿو ويگو وارا کنڀي ٿا وڃن ـ پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪرڻي پوندي ـ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ حورالنساء پليجو چيو ته رسول بخش پليجو واريون خوبيون سنڌ جي اڄ جي دور وارن قومپرستن ۾ گھٽ ٿيون نظر اچن ـ سنڌ جي مسئلن تي سڀني کي گڏ ويھڻو پوندو ـ