اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رضاڪاراڻي طور پنهنجا، پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا، جسٽس فائز عيسيٰ جا اثاثا سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويا. دستاويزن موجب ڪينال روڊ لاهور ۾ پراڻو گهر ڪرائي تي ڏنل آهي، سندس بينڪ اڪائونٽ ۾ 4 ڪروڙ، 13 لک 30856 رپيا آهن، هڪ فارن ڪرنسي بينڪ اڪائونٽ ۾ 41 لک کان وڌيڪ رقم موجود آهي. دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ جي ملڪيت ۾ ٻه ڪارون، هڪ گاڏي آهي، سرڪاري طور 2 ڪارون ۽ 600 لٽر پيٽرول ملندو آهي، گهرو وزارت جي اجازت باوجود منع ٿيل هٿيار رکڻ کان انڪار ڪيو، بطور جج سپريم ڪورٽ 300 ملڪي مفت ڪال منٽس ملندا آهن، 300 لٽر پيٽرول به مفت ملندو. جسٽس فائز عيسيٰ دستاويزن ۾ چيو آهي ته منهنجي گهرواري سرينا عيسيٰ منهنجي ڪفالت هيٺ ناهي، هوءَ برطانيا ۽ پاڪستان ۾ الڳ ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندي آهي، دستاويزن موجب جسٽس فائز عيسيٰ بطور چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڪو به پلاٽ نه ورتو، بطور جج سپريم ڪورٽ ڪو به سرڪاري پلاٽ ناهي ورتو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي سرڪاري پلاٽن جي آفرز ٿيون پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سال 2018ع ۾ آمدني هڪ ڪروڙ 51 لک 13972 رپيا هئي، سال 2018ع ۾22 لک 916 رپيا ٽيڪس ادا ڪيو.