ڪراچي ـ برابري سراسري جي عنوان ھيٺ ٿيل سيشن ۾ ڳالهائيندي عرفانا ملاح چيو ته اسانجي عورتن جي حقن واري جدوجھد ڪنهن جي خلاف نه پر برابري وارو مطالبو آھي اسانجي مارچ ۾ مرد به شريڪ ٿين ٿا انھي جي تشريح غلط ٿي ڪئي وڃي عورت ھجي يا مرد کيس پنهنجي جسم تي حق ھجڻ گھرجي ـاڄ جيڪا قانونسازي ٿئي ٿي يا وري جيڪي اڳي قتل ڪري فخر محسوس ڪندا ھئا ۽ اڄ اھي لاش لڪائين ٿا۔  ھاڻي ڪارو ڪاري ۾ ڀاء يا پيء نٿو ماري ـ پر ھاڻي ٻيا فرد چاچو مامو يا ڪو ٻيو ماري ٿو ـ اھو عورت جدوجهد جي نتيجي ۾ آگاھي آئي آھي ته ھاڻي ڇوڪرين جا ڀائر فون ڪري چون ٿا ته اسانجي ڀيڻ کي ڪارنھن الزام ۾ قتل ڪيو پيو وڃي ـ پر سماج ۾ 20 سالن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ اڍائي صدين جي سوچ کي تبديل ڪرڻ آسان ناھي ـاڳي عورتن حقن ۽ قانونسازي لاء وڙھندي ھئي اڄ اھا پنهنجي حقن لاء وڙھن ٿيون ـاھا جدوجهد باشعور عورت جي جدوجهد آھي، صحافي فھميدا رياض چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جو قومي ڏينهن 12 فيبروري 1983 تي وومين ايڪشن فورم تحريڪ ھلائي ـ عورتن جي تحريڪ سدائين ڏکيائين ۾ رھي آھي ـ اسانجي عورتن کي بنيادي حقن بابت ٻڌايو ئي نٿو وڃي ـ گھوٽڪي اھو ضلعو آھي جتي وڏي تعداد ۾ عورتون قتل ٿينديون ھيون اڄ ته اتي عورت مارچ ٿئي پيو ـ ڊاڪٽر حضوران چيو ته اسانجو اڪثر عورتون مردن تي ئي ڊپينڊ ڪن ٿيون ـ جتي عورتن مردن کي ھٿ ونڊايو آھي اتي سماج ۾ تبديلي نظر اچي ٿي۔  ڊاڪٽرن ميڊيڪل کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آھي ـ 80 سيڪڙو عورتن جا ڪيس آپريشن ٿين ٿا ۽ اڪثر ايم ايم بي ايس اھي آپريشن ڪن ٿيون ـ پي ايم ڊي سي انھي تي ضابطو آڻي ـ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪردار ادا ڪري ـ عورتن ۾ حاملا ٿيڻ بيماري ناھي ـجنهن جي ڊليوري مڊوائيف کي ڪرائڻي آھي پر اسان وٽ 65 سيڪڙو ماڻهو ذاتي خرچ تي وڃي ليڊي ڊاڪٽرن وٽ وڃن ٿا ـ حسين مسرت شاھ چيو ته جيڪي عورتون اھل آھن اھي ادارن ۾ اچن ٿيون پر اعليٰ ۽ انتظامي عھدن تي رڪاوٽون ٿوريون اينديون آھن پر ھر اداري ۾ الڳ الڳ چينلجز آھن عورت پنهنجي سگھ ۽ شعور سان اڳتي وڌي پئي  شھناز راھو چيو ته سنڌياڻي تحريڪ ڏکي دور ۾ ٺھي ھئي ان وقت مردن کي به کلي ڳالھائڻ جي آزادي نه ھئي ـ ضياء جي خلاف سنڌياڻي تحريڪ ڀرپور تحريڪ ھلائي ۽ ان جون ڪارڪن به جيل ۾ ويون ـ اڄ انھي جدوجھد جي ڪري جيئي سنڌ جا نعرا اڄ ھڻي سگهون ٿا ـ عورتن کي معاشري ۽ سماج ۾ گھٽ موقعا ملن ٿا ـ