گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما کي عهدي تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

0
209
گورنر پنجاب عمر سرفراز

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪار گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، سينئر جوائنٽ سيڪريٽري ڪيبينٽ تيمور تجمل جي صحيح سان عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آرٽيڪل 101 ۽ آرٽيڪل 48 ون تحت گورنر کي هٽايو ويو، عمر سرفراز چيما هاڻي گورنر جي عهدي تي رهي نه ٿو سگهي، پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر وقتي گورنر جون ذميواريون نڀائيندو، ٻئي پاسي پنجاب حڪومت هٽايل گورنر کان سڪيورٽي به واپس وٺي ڇڏي

گورنر کي هٽائڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد پوليس اٽالن گورنر هائوس کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، پوليس اهلڪارن سمورا گيٽ بند ڪري گورنر هائوس ڏانهن سموري اچ وڃ روڪي ڇڏي، پوليس ذريعن موجب، عمر سرفراز چيما گورنر هائوس آيو ته داخل نه ٿيڻ ڏنو ويندو

ھي به پڙھندا

ڦري ويل ميمبرن خلاف ريفرنس لاءِ نه پر آرٽيڪل 63 جي تشريح آئنده نسلن لاءِ ڪرڻي آهي: چيف جسٽس